ٺل ويجهو ڦر جي ڪوشش، نوجوان ۽ پوليس اهلڪار قتل

جيڪب آباد(رپورٽ:حضور بخش سومرو) ٺل ويجهو انڙ اسشيشن لڳ سوشل ورڪر وفادار سندراڻي گهر وڃي رهيو هو ته هٿياربندن اڳ جهلي ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن گوليون هڻي سندس نوجوان پٽ 25 ورهين جي سليمان سندراڻي کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب ٻيو پٽ محمد دائود زخمي  ۽ پوليس اهلڪار اسد الله زخمي  ٿي پيا،  اطلاع باوجود سي سيڪشن پوليس توڙي باهو کوسو پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي جنهن ڪري زخمي ۽ قتل ٿيل نوجوان جو لاش کڻائي ٺل جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو محمد دائود ۽ پوليس اهلڪار اسدالله کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو جتي پوليس اھلڪار اسدالله سندراڻي به زخمن جا سور نه سھندي شھيد ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.