پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي، عيد بعد تحريڪ شروع ٿيندي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ کي ڪرپشن، ڌاڙيلن ۽ دھشتگردن جي ڪالونيبڻايو ويو آھي، پيپلز پارٽي يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي افغانستان مان بازياب ڪرائي ورتو پر سنڌ ۾ پ پ وزير معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڳالھائڻ لاءِ به تيار ناھن، سنڌ ۾ اقليتون، عورتون، ٻار ۽ غريب ماڻھو محفوظ ناھن، اغوا، ڦرون، ڌاڙا ۽ قتل ڪاروبار بڻايا ويا آھن، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ضلعن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آھي، باقي سنڌ ۾ ڦورو، لٽيرا ۽ ڏوھاري سرگرم آھن. پوليس منشيات جي وڪري ۾ مصروف آھي ۽ سنڌ حڪومت ڪرپشن جي ڪاروبار ۾ سرگرم آھي، معصوم پريا ڪماري کي جيستائين آزاد نه ڪرايو ويندو، جدوجھد جاري رھندي، عيد کانپوءِ ڌاڙيل راڄ، ڪرپشن، اغوا خلاف احتجاجي تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو، پريا ڪماري سميت سمورا مغوي فوري طور تي آزاد ڪرايا وڃن، بدامني ۽ دھشتگردي جي نظام کي بند ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.