حيدرآباد(رپورٽر) عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي ڪنوينشن 28 اپريل تي حيدرآباد ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، تياري ڪاميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه جي صدارت هيٺ مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، اجلاس ۾ تنظيم جي ضلعي حيدرآباد جي چونڊ به ڪرائي وئي، جنهن ۾ صدر جاويد ڀٽي, نائب صدر رحمت ڪنول آخوند، جنرل سيڪريٽري آزاد جوڻيجو، جوائنٽ سيڪريٽري نياز ڏيپر، خزانچي منصف لانگاهه ۽ ميڊيا سيڪريٽري انور چنا کي چونڊيو ويو، تياري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻن نذير قريشي، حريف چانڊيو، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، نور نبي راهوجو، سراج سيال، ڊاڪٽر دين محمد، ڪليم ملڪ، شير چانڊيو، نازيه ڀٽي، زينت چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه چيو ته اي جي پي سنڌ جو زمينون ملڪ جي سگهارن ادارن حوالي ڪرڻ خلاف ۽ قدرتي وسيلن جي مالڪي لاءِ جدوجهد جاري رکندي. هن چيو ته پريا ڪماري لاءِ اي جي پي جي تحريڪ جاري آهي ۽ سنڌ ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري رهندو، سنڌ حڪومت ان معاملي ۾ مڪمل لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، 28 اپريل تي اي جي پي نئين قيادت چونڊيندي، سنڌ حڪومت تعليم کي مڪمل طور تباهه ڪيو آهي، ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪو قدم ناهي کنيو ويو جنهن سان سنڌ جا نوجوان تباهه ٿي رهيا آهن.