ڪوٽڙي (ن ع آ) معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪوٽڙي ۾ معصوم نياڻين جو اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ھٿن ۾ انصاف جو تارازو کڻي انوکو احتجاج، ڪوٽڙي ۾ سماجي تظيم ڄامشورو سجاڳ فورم جي معصوم نياڻين پاران پرياڪماري جي آزادي لاءِ ڪوٽڙي ۾ اکين تي ڪاريون پٽيون ۽ ھٿن ۾ انصاف جو تارازو کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري معصوم پريا جي آزادي لاءِ نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج ڪندڙن ٻارڙين چيو ته اڍائي سالن کان معصوم پريا غائب آھي ان کي اغوا ڪيو ويو آھي ان جا مائٽ روئي رھيا آهن پرڪير به معصوم پريا کي آزاد ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن مطالبو ڪندي چيو فوري طور معصوم پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي.