پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ٽي تلوار ڪلفٽن ۾ ڌرڻو، هندن کي لڏائڻ جي سازش رد

ڪراچي( رپورٽر ) پريا ڪماري بازيابي ڪميٽيءَ طرفان لياقت علي جلباڻي ، انعام عباسي ، آفاق ڀٽي، سھڻي پارس ،حسن پيرزادو ، طارق قريشي، ڪرم علي شاھ ڪرم ، ممتاز عباسي ، منصور کوکر ، شوڪت  ڪورائي،لياقت عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ تين تلوار (ٽي تلوار) ڪلفٽن ۾ زبردست احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.احتجاج ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي جن ۾ نوجوان، عورتون ۽ ٻارڙا شامل ھئا شريڪ مظاهرين جي ھٿن ۾ پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاء پينافليڪس ھئا جن تي معصوم ٻارڙي جي بازيابيءَ لاءِ  نعرا درج ھئا، اھڙي موقعي احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي جي روح روان لياقت علي جلباڻي چيو ته اسان ڪنھن تي به الزام تراشي نه ڪنداسون بس ادارن کي پنھنجو ڪم ڪرڻ گھرجي.پر افسوس آھي ته انھن جي گذريل ٻن سالن ۾ ڪا به اڳڀرائي ناھي. ھندو برادري جي مکين جي ڪردار تي افسوس جو اظھار ڪندي پريا کي فوري بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.انعام عباسي پريا ڪماري واقعي تي ڳالھائيندي چيو ته پريا واقعو ھندو مسلمان نه پر فقط سنڌي نياڻي جو واقعو آھي. ھن چيو ته ھن ملڪ جي سگھارين قوتن جي سنڌ جي ھر شعبي اندر مداخلت آھي جي ھندو برادري جي پريا لاءِ عدم تحفظ خاطر ٻاھر نٿي اچي ته اھا انتھائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالھ آھي ھنن کي پنھنجو وطن ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ناليواري ڪهاڻيڪار طارق قريشي پريا کي سنڌ جي نياڻي سڏيندي چيو ته ڏوھاري ڪچي ۾ ھجي يا پڪي ۾، رياست جي ذميواري آھي پر ھتي رياست جا پنهنجا مفاد آھن.اسان کي سياست جي سزا ڏني پئي وڃي جنهن جي ڪري پاڻ ڀوڳي رھيا آھيون.پر اسان جو سجاڳ طبقو پريا جي بازيابيءَ لاءِ ايئن ئي متحرڪ آھي جيئن پنھنجي نياڻيءَ لاءِ. ناليواري شاعر ڪرم شاھ ڪرم جو چوڻ ھيو ته پريا جي بازيابيءَ لاء ھر طبقو جدوجهد ڪري پيو.سنڌ اندر مافيائن کان نه رڳو ھندو پر سنڌي به متاثر ٿي رھيا آھن.اسان کي گڏجي قومي ٻڌيءَ جو مظاھرو ڪرڻو پوندو.ناليواري صحافي منصور کوکر جو چوڻ ھيو ته ھندو برادري سان زيادتيون کين سنڌ مان لڏائڻ جي سازش آھي. شاعر ممتاز عباسي ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ سياسي لاوارثي آھي.حب بلوچستان سان لاڳاپيل چيئرمين آل پاڪستان سناتن مھراج ڪائونسل جي چيئرمين مھراج مھيش ڪمار پريا ڪماري واقعي کي ذاتي دشمني قرار ڏيندي چيو ته پريا جا وارث بزدل آھن جن کي واضح موقف اختيار ڪرڻ گھرجي پر ھو ڊڄن ٿا ھن پريا جي فوري بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو.احتجاجي مظاھري کي آفاق ڀٽي، مظفر ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.