عيد کان اڳ عوام کي جهٽڪو،حڪومت پئٽرول مهانگو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ)حڪومت پيٽرول مهانگو ۽ ڊيزل ۽ گاسليٽ سستو ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب  پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 66 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 289 رپيا 41 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 32 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي نئين قيمت 282 رپيا 24 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه گاسليٽ 2 رپيا 27 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 186 رپيا 39 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ به 38 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 167 رپيا 80 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.پيٽروليم شين جا نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.