گوادر ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ تي دهشتگردن جو حملو، 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 4 زخمي

گوادر ( م ڊ ) بلوچستان جي شهر گوادر ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ تي حملي جي نتيجي ۾ 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب گوادر جي علائقي سنجي ٽڪري ۾ سڪيورٽي فورسز جي  بم ڊسپوزل اسڪواڊ تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن بم ڊسپوزل ٽيم چوڪي ​​ڏانهن ويندڙ روڊ تي وڃي رهي هئي.آچر جي صبح ساڍي 9 وڳي گوادر ۾ انڪڊا ڊيم ويجهو هٿياربندن 32 پنجاب رجمينٽ آرمي جي بي ڊي ٽيم تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ سپاهي ظهور ۽ سپاهي الطاف شامل آهن. حملي ۾ سپاهي ساجد حسين، تاجمل حسين، ابرار احمد ۽ گل حيدر زخمي ٿي پيا.مارجي ويلن ۽ زخمين کي طبي امداد، علاج ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ جي ڊي اي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد سڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.