”پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو“ سنڌ ۾ مظاهرا، ريليون، ڌرڻا جاري

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سکر جي سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي، ناري جمهوري محاذ، پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۽ ٻين ڌرين جي سڏ تي  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، پورھيت مزاحمت تحريڪ طرفان پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي آزاديءَ لاءِ آرٽس ڪائونسل ڪراچي کان ڪراچي پريس ڪلب طرف ريلي ڪڍي وئي، سکر جي سنگرار واري علائقي مان تقريبن اڍائي سالن کان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي آزاديءَ لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، ان سلسلي ۾  پورھيت مزاحمت تحريڪ جي صدر ڪامريڊ مسرور شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ نثار لغاري جي اڳواڻي ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي کان ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، عوامي ورڪرز پارٽي، ناري جمهوري محاذ ۽  پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي سڏ تي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي ۽ مظاهري جي اڳواڻي ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڪامريڊ عاليه، ڪامريڊ تاج مري، وڪيل نثار چانڊيو، حسين مسرت، امير علي شاهه، ڪامريڊ لطيف لغاري، سماجي اڳواڻ شهناز شيدي، وڪيل ايم پرڪاش، سرمد راجپر، جئي ڪمار ڪري رهيا هئا، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هي فقط پريا ڪماري جو سوال نه آھي نه ئي ڪجهه ضلعن ۾ ٿيندڙ بدامني جو سوال آھي پر سنڌ ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ قائم آھي، روز ماڻھو اغوا ڪيا وڃن ٿا ۽ ماريا وڃن ٿا پر سنڌ جا حڪمران عوام ۽ معصوم ٻارڙن جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي ويا آھي ڇا رياستي ادارا ايڏا بي وس ۽ لاچار ٿي ويا آھن جو ڪجهه ڌاڙيلن کي پڪڙي نه ٿا سگهن، تحفظ ڏيندڙ ادارن تي ملڪ جي بجيٽ جا اربين رپيا ڏنا ٿا وڃن پر اهي سيڪيورٽي ادارا ڌاڙيل راڄ کان خوفزدا آھن، ھنن چيو ته سنڌ جي ماڻھن مٿان وڏيرا شاهي نظام مڙهيو ويو آھي، سردارن سنڌ کي وڪڻي ڇڏيو آھي، ڌاڙيل حڪمرانن جا پاليل آھن، جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سکر مان اغوا ٿيل نياڻي معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مختلف شھرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا،ملير ۾ مرڪزي اڳواڻ منان شيخ، ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو، نصرپور ۾ مرڪزي اڳواڻ انيس دائودپوٽو ۽ قيو اي ٽي نصرپور جي صدر راجيش ڪمار جي قيادت ۾ مظاھرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٽنڊو محمد خان ۾ ونود ميگھواڙ، اشوڪ ڪمار، ڊاڪٽر جيئن گل، ادبي سنگت جي اعظم ڀٽي، سول سوسائٽي جي منھور لوھاڻا، قيمت سنڌي ۽ ٻين الفتح چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. ڳيريلو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر سھيل احمد ابڙو ۽ ضلعي اڳواڻ جميل احمد لاڙ، ياسين سنڌي ۽ سول سوسائٽيء جي بابر علي ابڙو، ثناءالله سولنگي، بلاول علي سولنگي، بابر شاھ، آڪاش ڪوري مظاھرو ڪيو ۽ ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 31 مھينا اڳ ڏھين محرم تي سکر جي علائقي سنگرار مان سبيل پياريندي نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو  جنھن جي آزادي لاءِ سڄي سنڌ ۾ مسلسل احتجاجن باوجود پوليس ڪو ڪيس داخل منه ڪيو ۽ خاموش تماشائي رھي، ڪشمور ۾ سنگرار واسڻ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ۽ ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي بدتر صورتحال خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻن پاران فاروق نائچ، حميد کوسو، رفيق احمد چنا، سعيد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،کٿڙ شھر ۾ سکر سنگرار مان اغوا ٿيل نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جسقم ضلعي حيدرآباد چيف آرگنائيزر نواب خان بڙدي آرگنائيزر آصف پنھور جسقم يونٽ کٿڙ ۽ سيري اڳواڻن ديپڪ ڪمار، امجد پليجو، امين ملاح ساجد، معشوق راٺوڙ، دلشاد نظاماڻي جي اڳواڻي ۾  پرامن ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪرڻ خلاف جوهي سجاڳ فورم جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پي ٽي آءِ، پ پ شھيد ڀٽو، جسقم، ايس يو پي، ايس ٽي پي، ساس  ۽ شهري نوجوانن پاران سرائي اڪبر پنهور، حيدر سيال، غلام قادر لغاري، ڪائونسلر ساوڻ ٻٻر، شاعر هارون پنهور، محمد امين وگهيو ، محمد ھاشم کوسو ، شاعر خليل عارف سومرو، غلام نبي باهوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، جروار جي مين چوڪ تي شاھ لطيف سٿ ۽ شهرين طرفان پريا ڪماري جي آزادي لاءِ آڪاش سنڌي نثار گبول ممتاز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مٽياري ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ورڪز يونٽ مٽياري ۽ مٽياري ميڊيا فورم پاران  سنڌ ڄائي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ٺارو شاه روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،  جسقم آريسر گروپ جي اڳواڻ اسلم خيرپوري سنڌي ادبي سنگت جي اديب تاج جويو بشير کتري رفيق سومرو، ايڊوڪيٽ پيرل مجيداڻو رحمت الله ترڪ پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالرزاق کوسو قومي عوامي تحريڪ ماجد خاصخيلي ۽  ٻين مظاهري جي اڳواڻيڪئي، سکر جي سنگرار جي معصوم نياڻي پريا ڪماريءَ جي آزادي لاءِ اقيليتي برادري ۽ سول سوسائٽي پاران ساڪرو شھر ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيوو يو، موري ۾ جي ڊبليو سي سميت  مختلف سول سوسائٽي، سياسي سماجي قومپرست اڳواڻن پاران ذوالفقار خاصخيلي، ولي محمد جوکيو، ظفر علي چانڊيو، راڻا شير محمد، اعجاز سنگراھ، عبدالوحيد ڏاھري، ظفر ٻگھيو، قاسم جاني ٻگھيو، اسد ٻگھيو، غلام مرتضي’ جوکيو، جگديش ڪمار، ايڊووڪيٽ گلزار عالماڻي ياسين سومرو، مولا داد لنڊ، خادم کوسو، ابرار مورائي، عبدالحميد پنھور، سڌير ميرالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ اسلام ڪوٽ ۽ مٺي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اسلام ڪوٽ ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، نندلال ميگهواڙ، آزاد اسد الله هڱورجو، ڊاڪٽر اشوڪ مکي، ڊاڪٽر وجئه رتناڻي، ٽهل ڪمار، مڪيش شرما، هشمت راءِ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وئي، باک اسٽڊي سرڪل ۽ عوامي وڪرز پارٽي دادو پاران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان دادو پريس ڪلب تائين حنيف مسراڻي، امين جمالي، فرمان جمالي، علي ڪورائي، فهد ٻٻر ۽ ٻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سيتا سرجڻھار فورم پاران شروع ڪيل جدوجهد 5 ڏينهن به فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سيتاروڊ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي، ناري جمھوري محاذ ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزاديءَ ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف شهر جي پاڪستاني چوڪ کان ڪمال جنبلات، خان غفار خان، زاهد حسين، ڪامريڊ بختاور ڪمال، حميرا سجاد، ايڊووڪيٽ ستار هليو، ڪامريڊ آزاد، سجاد گاڏهي، زاهد حسين ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ وڏي ريلي ڪڍي وئي، مقصودو رند ۾ سول سوسائٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران معصوم نينگري پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ۽ پروفيسر اجمل ساوند ، صحافي جان محمد مھر، استاد ھدايت الله لوھار ، استاد الھه رکيو نندواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ باسط علي رند ، احسان علي رند ، حاڪم علي رند، پسند علي رند ، منور علي رند، زاھد علي رند، سڪندر رند ،حمير چند، ھري رام ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي وئي، شهدادپور ۾  آ بي آءِ ايف پاڪستان پاران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ اسٽيشن کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي  ڊاڪٽر هرلال پپومل ڪيسواڻي ايسرداس  ڀيمومل جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي آزادي، توڙي سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاڙيل ڪلچر ۽ نياڻين سان ٿيندڙ ناجائزين خلاف شهدادڪوٽ ۾ شھر جي سياسي,سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن عورتن ۽ معصوم ٻارن ڪوٽو موٽو چوڪ تي شاميانا کوڙي احتجاجي ڌرڻو ھنيو جنهن جي اڳواڻي سماجي عورت ڪارڪن ڪامريڊ شانل کوسو، ايوب کوسو ۽ ڪامريڊ فوزيا سينگار ڪئي,، جڏهن ته احتجاج ۾ مختلف پارٽين عوامي ورڪرز پارٽي، ناري جهموري محاذ ،شهيد ڀٽو، جسقم، ايس يو پي، جماعت اسلامي، شهري اتحاد، ايس اين پي، ايس ٽي پي، پي ٽي آء مسلم ليگ( ن)جيئي سنڌ محاذ، عوامي تحريڪ، سنڌ سيڪولر فورم، پيپلز پارٽي طبقاتي جدوجهد ۽ هندو ڪميونٽي جي اڳواڻن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيري ويجهو کٿڙ اسٽاپ تي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جسقم ۽  ٻين ڌرين طرفان ديپڪ ڪمار، امجد پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ هندو پنچائت ، سول سوسائٽي ، سنڌي ادبي سنگت ۽ قومپرست ڪارڪنن طرفان ڊاڪٽر جي ايم گل ، فاروق ميمڻ ، هندوپنچائت جي مُکي دولانو مل ، منور لال ، وجي ڪمار ، روي ڪمار ، سنجي ڪمار ، جهونو تاريخدان ليکڪ قيمت سنڌي ، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ اعظم ڀٽي ، آغا جان آغا ، قومپرست عوامي اتحاد جي جاويد هاليپوٽو ، صوفي حامد ، قومي عوامي تحريڪ جي ونود ميگهواڙ ، پ ٽ الف جي شاهنواز مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته سنگرار واسڻ معصوم نياڻي پرياڪماري جي آزادي لاءِ مختلف سماجي تنظيمن پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، عوامي ورڪرز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو جي سڏ تي اڍائي سال اڳ اغوا ٿي ويل سنگرار جي رهواسڻ معصوم نياڻي پرياڪماري جي بازيابي لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو ڪامريڊ ضيا ڀٽي، سردار پيرزادو، مهتاب علي شامي، سراج ميراڻي،  عبدالغفار ميراڻي، عامر ڀٽي، ذبيع الله جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  معصوم نياڻي پرياڪماري جي اغوا واري واقعي کي اڍائي سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر هن مهل تائين سکر پوليس کيس بازياب ناهي ڪرائي سگهي، پرياڪماري سميت سنڌ مان ڪيترائي معصوم ٻارڙا لاپتا بڻيل آهن جن جي گهرن ۾ قيامت صغرا جو منظر آهي پر افسوس جو پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مسلسل ڪن لاٽار ڪندا پيا اچن، اهو ئي سبب آهي جو نياڻي پرياڪماري جي عدم بازيابي تي اڄ پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.