ڳوٺ وڏا سمنگ واقعو، پوليس خون لوڙهڻ چاهي ٿي: ٻارن جا وارث

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل معصوم ڀيڻ ڀاءُ سميت 3 ڄڻن جي قتل ڪيس  داخل ڪري پوليس  ويهي رهي. پوليس معصوم ٻارڙن جي قتل واقعي کي  تحرڪ نه ورتو ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 5 ڏينھن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد وڏا سمنگ پاڙي ۾ انتهائي بيدري سان قتل ٿيل معصوم مهناز شيخ مدد علي شيخ عارف علي شيخ جي قتل ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي ان ڏس قتل ٿيل معصوم  ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪيس کي سنجيده ناھي وٺي رهي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تشدد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي پر پوليس  ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي بي سيڪشن پوليس اسان معصوم ٻچڙن جا خون لوڙهڻ چاهي ٿي، نوٽيس وٺي اسان جي ٻچڙن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.