حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ عبدالقادر رانٽو چيو آهي ته ملڪ کي آئين ۽ قانون موجب هلائڻو پوندو، ملڪ ۾ ڪو به ادارو آزاد ۽ خودمختيار ناهي، ادارن کي آزاد ۽ خودمختيار ڪرڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهندو، پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ هنن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي خط تي سپريم ڪورٽ جي ججن جي فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ گھرجي ها، رٽائرڊ ججن جي ڪميشن مان ثابت ٿي ويو آهي ته حڪمران عدليه جي آزادي ۾ سنجيده ناهن، عدليه ۾ مداخلت مسئلن کي جنم ڏيندي، ملڪ ۾ گذريل 76 سالن کان عدليه ۾ مداخلت ٿي رهي آهي، عدليه کان مرضي جا فيصلا وٺي انصاف جي نظام کي سواليه نشان بڻايو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس قاضي فائز عيسي کي عدالتي نظام جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، عوامي تحريڪ جي جي اڳواڻن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي خط تي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن بدران سپريم ڪورٽ جي ججن جي فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.