فيصل آباد ۾ زيادتي جو جوابدار عالمن جي مداخلت تي آزاد

فيصل آباد(م ڊ) فيصل آباد ۾ جنسي زيادتي جو جوابدار عالمن جي مداخلت تي آزاد ٿي ويو، گذريل هفتي هڪ مدرسي جي مهتمم کي ننڍي ڄمار جي کٿابي سان جنسي زيادتي بعد گرفتار ڪيو ويو،زيادتي جو شڪار ٻار جي والد مدثر نذر الزام هنيو ته سندس 12 سالن جي ٻار کي مدرسي جي مهتمم زيادتي جو نشانو بڻايو آهي،هن چيو ته مان جڏهن پنهنجي پٽ کي ڳولڻ ويس ته مدرسي جو مهتمم ابوبڪر معاويه اگهاڙي حالت ۾ ٻار سان زيادتي جي ڪوشش ڪري رهيو هو پر مهتمم هٿ ۾ هٿيار کڻي فرار ٿي ويو، واقعي کان پوءِ فيصل آباد جا ناليوارا عالم ميدان ۾ اچي ويا ۽ انهن متاثر ٻار جي والد ۽ الزام هيٺ آيل مولوي ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو،ٻار جي والد جوابدار کي الله جي رضا لاءِ معاف ڪري ڇڏيو۽ ڪيس واپس وٺي ڇڏيو،فيصلو ڪندڙ ديني عالم علامه ابتسام الاهي ظهير چيو ته ٻار سان زيادتي ناهي ٿي پر مولوي ٻار کان پنهنجي جسم تي زور ڏياري رهيو هو،واقعو غلط فهمي جي بنياد تي ٿيو آهي،جوابدار زيادتي ڪري ها ته اسان به احتساب جو مطالبو ڪريون ها،تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته زيادتي جو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِپوليس کي ڪيس وٺڻ نه گهرجي ها، ۽ متاثر ڌر کي به ڪيس جي پيروي ڪرڻ گهرجي ها ڇو ته مدرسن ۾ اڪثر ٻارن سان زيادتي جا واقعا پيش ايندا آهن،پر عالمن جي دٻاءُ سبب ڪيس اڳتي نٿا وڌي سگهن،عالم سڳورا اهڙن ڪيسن جي جوابدارن کي بچائڻ بدران کين قانون حوالي ڪن،اهڙن بدڪردار واقعن ۾ ملوث عالمن کي مدرسن مان نيڪالي ڏيڻ گهرجي، عالمن کي اهڙن واقعن ۾ متاثر ٻارن جي خاندانن سان گڏ بيهڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.