سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني يا انوارالحق ڪاڪڙ؟ اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ،پ پ جو امتحان

لاهور(عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر تبديلي جون هوائون گهلڻ لڳيون آهن، تبديلي جي هوا  گهلڻ شرط مسلم ليگ ن سائيڊ تي ٿي وئي آهي ۽ هاڻ اها هوا پيپلز پارٽي کي متاثر ڪرڻ لڳي آهي، پيپلزپارٽي کان هڪ اهم قرباني گهري وئي آهي جيڪا پيپلزپارٽي ڪڏهن به شايد سوچيو ئي نه هو، هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته مسلم ليگ ن آخر ڇو سائيڊ تي ٿي وئي آهي، ۽ پيپلزپارٽي کي ڇو قرباني جو ٻڪرو بڻائي رهي آهي، قومي اسيمبلي ٺهڻ بعد هاڻ سينيٽ جي چونڊ ٿيڻ وڃي پئي، جنهن بعد سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ٿيڻي آهي، هن وقت تائين سينيٽ جي 48 سيٽن مان 18 تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن ۽ 30 سيٽن تي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، ڪي پي ڪي جي 11 سينيٽ سيٽن تي چونڊ ٿيڻ انتهائي مشڪل آهي، جنهن جو سبب اهو آهي صوبائي حڪومت مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف  وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي، سينيٽ چيئرمين لاءِ پيپلزپارٽي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين لاءِ نامزد ڪيو آهي، ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ جي اها خواهش آهي ته سينيٽ چيئرمين لاءِ بلوچستان کان چونڊيل ڪنهن سينيٽر کي ڏنو وڃي، ان لاءِ جنهن شخص جو نالو سامهون اچي رهيو آهي اهو اڳوڻو نگران وزيراعظم انوار الحق آهي، ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ رابطا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ته ان معاملي ۾ مسلم ليگ ن سائيڊ تي ٿي وئي آهي ۽ اسٽيبلمينٽ کي اهو چيو ته حڪومت ۾ پاور شيئرنگ کان اوهان به آگاهه آيو، سينيٽ چيئرمين سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي، سينيٽ چيئرمين پيپلزپارٽي چونڊيندي، پ پ جنهن به شخص جو نالو فائنل ڪندي اسان ان کي ووٽ ڪنداسين، اهو ڀلي بلاول ڀٽو زرداري، يوسف رضا گيلاني هجي ، صادق سنجراڻي يا انوار الحق ڪاڪڙ هجي اسين ان کي ووٽ ڪنداسين، اوهان کي ان معاملي ۾ پيپلزپارٽي سان ڳالهائڻو پوندو، ن ليگ جي اهڙي بيان بعد اسٽيبلشمينٽ پيپلزپارٽي سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پيپلزپارٽي کي آگاهه ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ حامي هڪ صحافي حسن ايوب خان به ٽوئيٽ ڪري آصف زرداري کي اهو پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ حسن ايوب لکي ٿو ته بلوچستان کي حق ڏيڻ وارو قدم آصف زرداري ئي کنيو هو ۽ هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر بلوچستان جو عوام آصف زرداري ڏانهن ڏسي رهيو آهي، ڇو ته هاڻ معاملو سينيٽ جي چيئرمين جو آهي،صحافي عادل شاهزيب به ٽوئيٽ ڪيو ته پ پ ذريعن جو زور آهي ته سينيٽ چيئرمين لاءِ گيلاني ئي فائنل اميدوار آهي، حتمي فيصلو بهرالحال صدر آصف زرداري کي ڪرڻو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز، سومر، 01 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.