آئين سمورين اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو:صدر آصف زرداري

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو آئين سمورن اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. ملڪ جي ترقي ۽  خوشحالي لاءِ اقليتن سميت سموري قوم کي ملي ڪم ڪرڻو پوندو. ايسٽر جي موقعي تي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ،پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان جي خوشحالي لاءِ قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي،هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته زندگي جي مختلف شعبن ۾ مسيحي برادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.