گوادر ( م ڊ ) بلوچستان جي شهر گوادر ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ تي حملي جي نتيجي ۾ 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب گوادر جي علائقي سنجي ٽڪري ۾ سڪيورٽي فورسز جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن بم ڊسپوزل ٽيم چوڪي ڏانهن ويندڙ روڊ تي وڃي رهي هئي.آچر جي صبح ساڍي 9 وڳي گوادر ۾ انڪڊا ڊيم ويجهو هٿياربندن 32 پنجاب رجمينٽ آرمي جي بي ڊي ٽيم تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ سپاهي ظهور ۽ سپاهي الطاف شامل آهن. حملي ۾ سپاهي ساجد حسين، تاجمل حسين، ابرار احمد ۽ گل حيدر زخمي ٿي پيا.مارجي ويلن ۽ زخمين کي طبي امداد، علاج ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ جي ڊي اي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد سڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.