ڪراچي ۾ ڦورن سان پوليس مقابلي ۾ شهري جي قتل جو ڪيس داخل

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي ايوب ڳوٺ ۾ ڦورن ۽ پوليس وچ ۾مقابلي ۾نوجوان شهري جي قتل جو ڪيس سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي، پوليس مطابق ڪيس هيڊ ڪانسٽيبل محمد توفيق جي مدعيت ۾سهراب ڳوٺ ٿاڻي ۾داخل ڪيو ويو آهي،  ڪيس جي متن مطابق ساٿين اهلڪارن سان گڏ گشت تي هيس ته شڪي موٽرسائيڪل سوالن کي بيهڻ جواشاروڪيو، جوابدارن فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار موٽر سائيڪل تان ڪري پيا، ايف آءِ آر مطابق ڦورو سمير زخمي ٿيو، جڏهن ته ساٿي زاهد هٿيار ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، ڪيس جي متن مطابق موقعي تي موجدو عوام ٻڌايو ته جوابدارن جي فائرنگ سان واٽهڙو زخمي ٿيو آهي، جيڪو اسپتال نيدي فوت ٿي ويو هلندڙ سال هن وقت تائين ڦورن جي فائرنگ سان 49 شهري قتل ٿي ڇڪا آهن .

  1. حضرت علي جي شهادت جو ڏهاڙو اڄ ملهايو ويندو،سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام

ڪراچي (رپورٽر) حضرت علي رضه جي يوم شهادت جي موقعي تي آءِ جي سنڌ صوبي ۾ فول  پروف سيڪيورٽي قدم کڻڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته يوم علي رضه جي موقعي تي مرڪزي جلوس جي گذرگاهن مجلس جي هنڌن تي سيڪيورٽي جي گڏيل معاملن کي مشروط ۽  موثر بنايو وڃي. غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته جلوس جا روٽ، مرڪزي اجتماع جي سيڪيورٽي کي واچ ٽاورز ۽ بلند عمارتن تي اسنائرز جي ڊپلائمنٽ کي يقيني بنايو ويندو. مرڪزي جلوس سان ملندڙ سمورن رستن، انٽري پوائنٽس تي سيڪيورٽي کي هر لحاظ سان غير معمولي بنايو وڃي.

  1. سنڌ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ واڌ،2186 ڪيس رپورٽ

ڪراچي(م ڊ) سڄي ملڪ ۾ رولو ڪتن جي چڪڻ  جا واقعا وڌي ويا، گذريل هڪ هفتي ۾ ڪتن جي چڪڻ جا 2562 ڪيس رپروٽ ٿيا، ڪراچي ۾ 211 شهري رولو ڪتن جو نشانو بڻيا، اين آئي ايڇ مطابق گذريل هفتي ڪتي جي چڪڻ جا 2562   ڪيس رپورٽ ۽ سڀ کان وڌيڪ 2186 ڪيس سنڌ مان رپورٽ ٿيا آهن، پنجاب حڪومت ڪيسن جو ڊيٽا فراهم ناهي ڪيو، ان کانسواءِ گذريل هفتي خيبرپختونخواهه ۾ 244 ماڻهو، بلوچستان ۾ 95  شهري، آزاد ڪشمير ۾ 36، گلگت بلستان ۾ هڪ شهري کي ڪتي چڪيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ گذريل هفتي هڪ ڪيس به رپورٽ ناهي ٿيو، اين آئي ايڇ جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڪتي جي چڪڻ سان سڀ کان وڌيڪ 289 ڪيس ۾ دادو مان رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ڪشمور ۾ 275، گهوٽڪي 226، جيڪب آباد ۾ 146، حيدر آباد ۾ 40، قمبر ۾ 126، خيرپور 154 ماڻهو شڪار ٿيا، گذريل هفتي ويسٽ ۾ 164 شهري رولو ڪتن جو نشانو بڻيا، جڏهن ته ڪراچي ملير 23، ڪراچي ايسٽ 13 ۽ ڪراچي سينٽرل ۾ هڪ شهري رولو ڪتن جو نشانو بڻيو.

  1. وزيراعليٰ پنجاب مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چرچ پهچي وئي

شيخوپوره (م ڊ) پنجاب جي  وزير اعلي’مريم نواز چيو آهي ته اقليتن ڏانهن اٿندڙ هر نظر، هر هٿ کي لوهي هٿن سان روڪينداسين. شيخوپوره ۾ ايسٽر جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ايسٽر  جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ آئي آهيان،

پنهنجي خوشي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان. هن چيو ته منهنجي پرورش ۾ منهنجي والدين کانپوءِ سڀ کان وڏو هٿ منهنجي اسڪول جو آهي. مريم نواز چيو ته منهنجي پرورش هڪ پيءُ ڪئي، جنهن چيو ته اقليتن لاءِ اقليت جو لفظ استعمال ڪرڻ مناسب ناهي. هن چيو ته اسان سڀ پاڪستاني آهيون. هن چيو ته منهنجو خواب آهي ته پاڪستان اهڙو ملڪ هجي جتي اڪثريت ۽ اقليت گڏجي رهن، اوهان جون عبادتگاهون محفوظ هجن، اوهان کي مڪمل تحفظ حاصل هجي، ايمان جي بنياد تي ڪو به اوهان کي ايذاءُ نه رسائي سگهي.

  1. وڏي وزير پاران مسيحي برادري کي ايسٽر جون واڌايون

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايسٽر جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسيحي برادري  کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ سمورن مذهبن جا ماڻهو محبت سان گڏجي رھندا آھن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين اقليتن جي حقن جي ڳالھھ ڪئي آهي ۽ اسان ان تي عمل ڪري رهيا آهيون. هن اها ڳالهه ايسٽر جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس پيغام ۾ڪئي. وڏي وزير چيو ته ايسٽر سڀني لاءِ محبت، شفقت، بخشش ۽ خوشيون ونڊڻ جو تھوار آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسيحي برادري ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.