ڦر مزاحمت تي قتل واقعا افسوسناڪ آهن، جن کي روڪڻو پوندو: آءِ جي سنڌ

ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهر ۾ امن امان جي صورتحال، اسٽريٽ ڪرائم ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪارروائي تي غور ڪيو ويو ۽ ضروري هدايتون ڏنيون ويون، آءِ جي سنڌ هدايتون ڏنيون ته لاڳاپيل آفيسر چوري جي مزاحمت ۾ مارجي ويل يا زخمي ٿيل شهرين جي گهرن ۾ وڃي انهن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪن ۽ آئون به پاڻ به ان واقعي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪرڻ ويندس. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ايس آءِ يو هاڻي چوري ۽ ڦر جي قتل جي ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪندو، جڏهن ته ڪراچي جي 67 بهترين پوليس اهلڪارن کي اهم ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، هن چيو ته پوليس جو ڪم عوام آهي. عوام جي خدمت ۽ حفاظت ڪرڻي آهي، ڏوهن جي وڌندڙ سرگرمين کي روڪڻ لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڦرلٽ مزاحمت تي قتل ۽ جي وارداتن کي روڪڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ميدان ۾ اچن ۽ ڏوهن جي خلاف بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين، هن چيو ته چوري جي ڪيسن ۾ غريب ماڻهن جو قتل ناقابل برداشت آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته ڦر جي مزاحمت تي قتل يا زخمي ٿيڻ جي ڪيسن جي جاچ جي ذميواري ماهر ۽ باصلاحيت آءِ اوز کي ڏني وڃي ۽ مستقبل ۾ داخل ٿيندڙ اهڙن سمورن ڪيسن جي جاچ ايس پي انويسٽيگيشن ۽ اسپيشل آءِ اوز جي مشاورت سان ڪئي ويندي. آءِ جي سنڌ چيو ته ڪيسن جي ڪاميابي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ملڻ جي شرح کي نظر ۾ رکندي ايس ايس پيز کي 5 لک جڏهن ته آءِ اوز کي بنيادي پگهار انعام طور ڏني ويندي، ان حوالي سان جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي رپورٽ ايس. ايس پيز، اي آءِ جي آپريشنز سنڌ موڪليا ويندا ۽ رپورٽ جي روشني ۾ ئي آءِ اوز کي انعام ڏنا ويندا، ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي قتل جي ڪيسن ۾ گرفتار جوابدارن کان سخت ۽ جامع جاچ کي يقيني بڻايو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.