نصيرآباد ۾ بدامني، اغوا وارداتن خلاف ۽ هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نصيرآباد(رپورٽ بشيراحمد بروهي) سنڌ ۾ اغوا صنعت، قبائلي جھيڙن، بدامني، مھانگائي ۽ پريا ڪماري جي اغوا خلاف عوامي ورڪرز پارٽي، ناري جمھوري محاذ ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران نوناري محلي کان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندا آرٿر برانچ وٽ پھتا جتي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن ڪامريڊ زاھد آڳرو، ڪامريڊ عابده چنا، رياض ڦلپوٽو، ڪامريڊ منصور حلاج، سسئي لوهار، عنايت تنيو، علي گل ڪانڌڙو، جسٽس فار ھدايت الله لوھار ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سسئي چيو ته سنڌ اندر ھر ڏھين سال ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪيو پيو وڃي جنھن کي پوليس توڙي چونڊيل نمائندن جي پشت پناهي حاصل آھي، جڏھن ته اڳ ئي مھانگائي، بيروزگاري، بک ۽ ٻين مسئلن پورهيت طبقي کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ماڻھو جڏهن به انھن مسئلن خلاف متحد ٿيڻ شروع ٿين پيا ته جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن جي پشت پناھيءَ ۾ ھٿ وٺي ڌاڙيلن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آھي کين جديد ھٿيار ۽ جديد ٽيڪنالوجي مليل آھي جنھن ذريعي آئي ڏينھن استاد، پورھيت توڙي معصوم ٻار اغوا ٿين پيا هنن چيو ته معصوم پريا ڪماري ٽن سالن کان اغوا ٿيل آھي ۽ واڪا ڪرڻ باوجود ادارن ۽ حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري جنھن مان ظاھر پيو ٿئي ته ادارا ناڪام ۽ ڪنھن ٻي ڄنڊاپٽ ۾ مصروف آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته ڌاڙيل ڪلچر کي ختم ڪري عوام کي سک جو ساھ پٽڻ جو موقعو ڏنو وڃي،

 

پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪيو وڃي ۽ عوام دشمن مھانگائي کي ٻنجو ڏنو وڃي، شهيد هدايت الله لوهار جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.