پشاور ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو عمران خان جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

پشاور ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي لاءِ پشاور پريس ڪلب کان پشاور هاءِ ڪورٽ  تائين وڏي ريلي ڪڍي. احتجاجي ريلي ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عمر ايوب، علي محمد خان ۽ بئريسٽر گوهر به موجود هئا. پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي کي پارٽي اڳواڻن خطاب ڪيو، جنهن دوران ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن جي خطاب دوران سخت ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ آئي، بئريسٽر گوهر شير افضل مروت کي مائيڪ ڏيڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو، عمر ايوب به شير افضل مروت کان مائيڪ وٺڻ ۾ ناڪام رهيو. بئريسٽر گوهر جي تقرير دوران فيصل جاويد ۽ شرافضل مروت ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو، بيرسٽر گوهر کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي تقرير مڪمل ڪرڻ کانسواءِ ئي هليو ويو.بدنظمي سبب عمر ايوب به خطاب نه ڪري سگهيو. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي آزادي ۽ عدليه جي آزاديءَ لاءِ باني نڪتل آهن، انهن چورن ۽ لٽيرن کان پنهنجو مينڊيٽ واپس وٺنداسين. شير افضل مروت جو چوڻ هو ته اسان عمران خان جي آزادي لاءِ روڊن تي نڪتا آهيون، هن چيو ته فلسطين تي ظلم ٿي رهيو آهي، پر حڪمرانن جي همٿ ناهي ته هو ان ظلم تي ڳالهين، هن چيو ته ملڪ تي قابض ٽولي عدليه جي آزادي ۽ عمران خان جي آزادي کسي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته رمضان ۾ ايترن ماڻهن جي ٻاهر نڪرڻ عمران خان جي مقبوليت جو چٽو ثبوت آهي، هن چيو ته عمران خان تي داخل ڪيل سڀ ڪيس ڪوڙا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.