پي ٽي آءِ سينيٽ چونڊن جي بائيڪاٽ جو بهانو بڻائي رهي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سينيٽ چونڊن جي بائيڪاٽ جو  بهانو بڻائي رهي آهي پي ٽي آءِ اڃا چونڊون وڙهي رهي آهي،  انھن اڃا  رٽائرمينٽ جمع نه ڪرائي آهي. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ وارن رٽائرمينٽ جمع ڪرڻ بدران رڳو پريس ڪانفرنس ڪئي سندن پريس ڪانفرنس بيان بازي ۽ ڪھاڻي کان سواءِ ڪجهه ناهي. ھن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڪنهن به قيمت تي رٽائرمينٽ جا ڪاغذ جمع نه ڪرائيندا ميڊيا حقيقتن جي جاچ ڪري پي ٽي آءِ جي ٻٽي معيار کي جانچي سگهي ٿي. شرجيل انعام ميمڻ  چيو ته عمران خان ملڪ ۾ رڳو بدامني ۽ بي بنياد الزامن جي سياست چاهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.