خيرپور (ڊ ر) راڻيپور جي پيراڻي حويليءَ ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس بابت عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي 5 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، پوليس ڪيس جي جوابدارن پير اسد شاھ پير فياض شاھ بي بي حنا شاھ ۽ امتياز ميراثي کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ايس ايڇ او امير چانگ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست جو فيصلو نه اچڻ سبب ڪيس جي ٻُڌڻي 5 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻُڌڻي دوران ڪيس جو انويسٽيگيشن آفيسر پڻ پيش نه ٿيو ٻُڌڻي دوران فاطمه ڦرڙو جا والدين پيءُ نديم ڦرڙو ۽ والده شبنم ڦرڙو پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، فاطمه ڦرڙو جي والدين امڙ نديم ڦرڙو ۽ شبنم ڦرڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدارن سان ٺاهه ناهي ٿيو، سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهه بي بنياد آهن،