ٺاهه تحت پاڻي نه مليو. سنڌو سوڪهڙي جو شڪار، ڊيلٽا ۾ ماڻهو زهر پيئڻ تي مجبور

حيدرآباد(رپورٽر) ارسا پاران 1991ع پاڻي ٺاھه مطابق سنڌو درياھه ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جا وھڪرا ڇوڙ نه ڪرڻ سبب سنڌو درياھه جو  پاڻي زھريلو ٿيڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي، درياھي پاڻي ۾ سينکيي جو مقدار وڌڻ سبب لکين انساني زندگيون خطري ۾ پئجي  ويون آهن، وبائي ۽ موذي مرض پيدا ٿيڻ جو خطرو، ڊي سي حيدرآباد آبپاشي کاتي کي صورتحال کان خط لکي خبردار ڪري ڇڏيو، پاڻي ماھرن سان رابطو ڪرڻ سميت پيئڻ جي پاڻي جي صورتحال تي فوري ضابطو آڻڻ لاءِ ايندڙ سومر جي ڏينھن سمورن لاڳاپيل ادارن جو اھم اجلاس به طلب. انڊس ريور سسٽم اٿارٽي پاران 1991ع پاڻي ٺاھ مطابق سنڌ درياھه ۾ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ ساليانو گھٽ ۾ گھٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جا وهڪرا ڇوڙ نه ڪرڻ سبب سنڌو درياھ ۾ پاڻي جي مسلسل ڏھاڪن کان کوٽ جي نتيجي ۾ درياھي پاڻي زھريلو ٿيڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آھي، سنڌو درياھه ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب ٽي ڊي ايس سينکيي ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿيڻ جي ڪري وبائي ۽ موذي مرض پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ لکين ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي، اھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي آبپاشي کاتي کي خط لکي خبردار ڪندي سنڌو درياھه جي پاڻي کي پيئڻ جي لائق بڻائڻ لاءِ فوري ضابطو آڻڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي. ڊي سي حيدرآباد پاران آبپاشي کاتي جي اختيارين کي لکيل خط ۾ خبردار ڪندي چيو ويو آھي ته سنڌو درياھ جي پاڻي ۾ مسلسل کوٽ سبب پيئڻ جي پاڻي ۾ 200 بدران 720 سينکيو موجود آھي، ارسا پاران سنڌو درياھه ۾ پاڻي گھٽ ڇڏيو پيو وڃي، جنھن سبب ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جا وهڪرا گھٽجڻ جي نتيجي ۾ پيئڻ جو پاڻي خراب ٿيڻ شروع ٿي رھيو آھي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته پاڻي لاءِ آرسينڪ ٽي ڊي ايس جو مقدار 250 ھجڻ گھرجي پر موجوده صورتحال ۾ آرسينيڪ 720 تائين پھچي ويو آھي، جنهن سبب ماڻھو دل، گردي، معدي ۽ معدي جي موتمار بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن،  جگر ۽ ڪاري ڪامڻ پکڙجڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، ان ڪري سنڌو درياهه ۾ گڏ ٿيل لٽ ۽ مٽي کي هٽائي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ته جيئن ماڻھڻ کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي سگهي ۽ بيمارين کان بچي سگهجي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سنڌو درياهه جي تازي پاڻيءَ ۾ سينکيي جي واڌ واري خطرناڪ صورتحال تي ايندڙ سومر واري ڏينھن آبپاشي کاتي، پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي، ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد جي ميئر، ايڇ ڊي اي، واسا سميت ٻين سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن کي طلب ڪري ورتو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.