اپ اسٽريم ۾ به پاڻي زهريلو، ٽي ڊي ايس جي ويليو 610 ايم جي / ايل ڏٺي وئي

حيدرآباد: ڊي سي حيدرآباد پاران چيف انجنيئر ايريگيشن ڪوٽڙي بئراج حيدرآباد مير غلام علي ٽالپر، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد، ميئر حيدرآباد،  مينجنگ ڊائريڪٽر واسا ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ڄامشورو کي لکيل خط ذريعي آگاهه ڪيو آهي ته اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ويئر سب ڊويزن ڄامشورو معمول موجب سنڌو درياهه جي اپ اسٽريم ڪوٽڙي بئراج مان پاڻي جو نمونو کڻي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي کان ٽيسٽ ڪرايو ويو ۽ ان جي رپورٽ موجب پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس جي ويليو 610 ايم جي / ايل ڏٺي وئي آهي، جڏهن ته 500 ٽي ڊي ايس ايم جي/ايل کان گهٽ پيئڻ جي قابل هوندي آهي، ن لاص لاڳاپيل اختيارين کي پيئڻ جي مقصد لاءِ پاڻي جي فراهمي کان اڳ ان جي چڱي طرح ٽريٽمنٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي ته جيئن انساني حياتين کي ڪنهن به قسم جي نقصانن کان محفوظ رکي سگهجي.

  • حيدرآباد واسين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي صاف نه ڪرڻ جو انڪشاف

حيدرآباد: حيدرآباد جي لکين شھرين کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ذخيري  وارن تلائن ۾ موجود پاڻي کي ٽريٽ نه ڪرڻ ۽ نه ئي ڪلورين جو استعمال ٿيڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آھي. گذريل نگران سرڪار دور ۾ اڳوڻي ڪمشنر حيدرآباد پاڻي جو ذخيرو ڪندڙ تلائن جو دورو ڪيو هو ۽ کيس ٻڌايو ويو هو ته ڪنهن به تلاءَ ۾ پاڻي کي ٽريٽ نه پيو ڪيو وڃي ۽ نه ئي وري ڪلورين جو استعمال ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.