پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏھن به اهڙو واقعو اڳ ۾ ناهي ٿيو جهڙو هي واقعو ٿيو آھي مسلسل غير معمولي واقعا ٿيندا پيا رهن ائين ڪڏھن ناهي ٿيو ته ڇهه هاءِ ڪورٽ جي ججن ڳجهن ادارن تي اهڙا سنگين الزام لڳايا هجن هي الزام ڪي معمولي ناهن بلڪه ملڪ جي اعليٰ ادارن جي وچ ۾ شديد ٽڪراءُ کي اظھاري رهيا آھن سياسي معاشي بحران هاڻ گهڻ طرفيون پيچيدا صورتون اختيار ڪري رهيو آھي، اهو گهرو به ٿي رهيو آھي هن جي نتيجي ۾ ڪنهن وڏي تحريڪ جي اڀرڻ جا امڪان به آھن جئين مشرف جي دور ۾ ماضي ۾ عدليا جي آزادي لاءِ تحريڪ هلي پوڻ جي صورت ۾ ٿيو هو هن وقت به اندروني بحران ڪافي گهرو آھي ان جا گهرا اثر سڄي ملڪ تي پوڻا آھن هن وقت هن تحريڪ جو مرڪز پنجاب هوندو
هن وقت هيءُ بحران پاڪستان جي تاريخ جو اهم بحران هوندو جيڪو گهڻو ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيندو اڳ جن ادارن تي ڳالهائڻ مشڪل هوندو هو هاڻ انهن جي مداخلت سياسي جوڙتوڙ سياسي انجنئيرنگ تي عام ڳالهايو پيو وڃي
موجوده بحران جي نوعيت بابت ڪجهه حقيقتون
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن اعليٰ عدليه ۾ ڳجُهن ادارن جي مبينا مداخلت خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو آھي، جنھن ۾ مطالبو ڪيو آهي مبينا مداخلت ۽ ججن تي اثرانداز ٿيڻ واري معاملي تي جوڊيشل ڪنوينشن سڏايو وڃي.اِهو خط اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز جي طرفان لکيو ويو آهي، جنهن جون ڪاپيون جوڊيشل ڪائونسل جي سڀني ميمبرن کي موڪليون ويون آهن.
ان خط جي حوالي سان فوج يا حڪومت طرفان ڪو به ردعمل سامھون نه آيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ان خط جي حمايت ڪندي سپريم ڪورٽ کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
خط ۾ ڇا چيو ويو آھي؟
خط لکندڙ ججن پاڻ تي ايندڙ دٻاءُ متعلق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي 2023 ۽ 2024 ۾ لکيل خط به شامل ڪيا آھن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇھن ججن پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته عمران خان خلاف ’ٽيريان وائيٽ ڪيس’ سان ججن جي راءِ ۾ اختلاف شروع ٿيو. چيف جسٽس عامر فاروق ٽيريان وائيٽ ڪيس کي قابل سماعت قرار ڏنو ھو جڏهن ته ڪيس کي ناقابل سماعت قرار ڏيڻ وارن ججن تي مبينا طور تي آئي ايس آئي جي آپريٽوز جي طرفان مائٽن ۽ دوستن ذريعي سخت پريشر وڌو ويو.
اهو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ پوءِ ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان آڏو رکيو ويو ته چيف جسٽس پاڪستان ٻڌايو ته ھن آئي ايس آئي جي ڊي جي سي سان ڳالھائي ڇڏيو آھي، ٻيهر ايئن ڪونه ٿيندو پر پوءِ به اهو سلسلو رڪجي نه سگهيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ڳجُهن ادارن طرفان ججن تي مسلسل دٻاءُ جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس آڏو پڻ اٿاريو ويو، جنهن کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڊي جي سي سان ملاقات ڪئي ۽ هن آئندہ ائين نه ٿيڻ جو يقين ڏياريو پر، ادارن جي مداخلت جاري رهي. ڇهن ججن پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته مئي 2023ع ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي ڀيڻيوي کي يونيفارم پاتل ماڻهن اغوا ڪيو، تشدد ڪيو، بجلي جا جھٽڪا ڏنا ۽ وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائڻ تي مجبور ڪيو. جج جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪري ۽ ميڊيا ۾ مهم هلائي جج تي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. خط ۾ چيو ويو آهي ته هڪ جج جي بيڊ روم مان ڳجُهي ڪيمرا ملي آهي جنهن ۾ جج جي خاندان جون وڊيوز رڪارڊ ڪيون ويون ھيون، وڊيوز ٻين ججن جي سامهون به هلايون ويون پر هن وقت تائين ان تي ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ڳجُهن ادارن جي عدالتي معاملن ۾ مداخلت ڪا نئين ڳالهه ڪانھي ۽ ماضي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي مداخلت بابت ڳالھائڻ تي 11 آڪٽوبر 2018 تي سندس عهدي تان برطرف ڪيو ويو هو. موجوده سپريم ڪورٽ پنهنجي 22 مارچ واري فيصلي ۾ جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي کي رد ڪندي کيس رٽائرڊ جج قرار ڏنو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس ريٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي چيو ته مٿس لڳايل الزامن جي جاچ ڪئي وڃي، اسين جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي جي موقف جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. جيڪڏهن عدليه جي آزادي ۾ مداخلت ٿي رھي ھئي ته عدليا جي آزادي کي انڊرمائين ڪير ڪري رھيو ھو؟ انھن جي ڪنھن مدد ڪئي؟ سڀني کي جوابدہ بڻايو وڃي ته جيئن اهو عمل ٻيهر نه ورجائجي.
سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط جي حوالي سان ججن چيو ته ججن جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ ڪا به اھڙي رھنمائي ناهي ته اهڙي صورتحال جي رپورٽ ڪيئن ڪجي.
خط تي ردعمل
ان خط جي حوالي سان اڃا تائين حڪومت طرفان ڪو به ردعمل سامھون نه آيو آهي. ان سان گڏوگڏ ڳجُهن ادارن پاران فوج جي ترجمان آئي ايس پي آر طرفان ڪو ردعمل نه ڏنو آھي. جڏهن ته ماضي ۾ اھڙين الزامن تي آئي ايس آئي پاران عدليه ۾ مداخلت جا سمورا الزام رد ڪيا ويا ھئا ۽ اهڙن سمورن الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو ويندو ھو.
ان خط جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف به هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ان جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ان خط ڳجُهن ۽ رياستي ادارن جي غير قانوني ۽ غير آئيني سرگرمين بابت عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي موقف تي تصديق جي مهر ھنئي آھي.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سعد رفيق به سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ٻن معزز ججن اسان ڀائرن جي ضمانت ڏيڻ بدران اسان جو مذاق اڏايو، حڪم ضمانت نه ڏيڻ جو هو پر ذلت واڌاري ڪارروائي هئي، ٻڌو آهي ته ھاڻي ضمير جاڳي پيو آهي.
مان ۽ سلمان رفيق قانون مطابق حفاظتي ضمانت لاءِ آڪٽوبر 2018 ۾ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿياسين برادر ڪامران مرتضيٰ اسان جو وڪيل ھو ٻن معززن ججن تي ٻڌل بينچ ضمانت ڏيڻ بدران اسان جو مذاق اڏايو ۽ ذليل ڪيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن پاران ڳجُهن ادارن خلاف الزامن جي جواب ۾ سوشل ميڊيا تي انهن ئي ججن خلاف الزام هنيا پيا وڃن. خط لکڻ وارن مان هڪ جج جسٽس محسن اختر ڪياني جي حوالي سان مختلف اڪائونٽس مان ريفرنس ۽ دستاويز سوشل ميڊيا تي شايع ٿي رهيا آهن، جن ۾ مٿس مالي بدعنواني سميت ڪيترائي الزام لڳايا ويا آهن.
ماضيءَ ۾ به جيتوڻيڪ ڳجُهن ادارن تي مداخلت جا الزام لڳايا ويا ھئا ۽ جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ راولپنڊي بار جي اجلاس سان پنهنجي خطاب ۾ ڳجُهن ادارن تي الزام هنيا ھئا پر پاڪستان ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ته ھڪ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان سواءِ سمورن ججن ڳجُهن ادارن جي مبينه مداخلت تي سوال اٿاريا آھن.
اهڙي صورتحال کان پوءِ سپريم ڪورٽ بار به ميدان تي اچي وئي آھي جيڪا اهو چوي پئي ته اسان ججن سان گڏ آھيون عيد کان پوءِ هڪ وڏي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي هي درحقيقت ملڪ جي وڏي معاشي سياسي بحران جي خراب صورتحال جو واضح اظھار آھي