پنجاب 1945 جي پاڻي ٺاھ جي  ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آھي: رياض چانڊيو

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته پنجاب 1945 جي پاڻي ٺاھ جي  ڀڃڪڙي ڪندو  رهيو آھي، اها به تاريخ آھي پر هن فيڊريشن ۾ 1991 واري پاڻي ٺاھ جي به پنجاب مسلسل توهين ڪندي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، پنج نندي تونسا ۽ گڊو بئراج جي وچ تي سنڌ حڪومت ۽ ارسا جي فني ڪميٽي چوي ٿي ته پنجاب 24 هزار ڪيوسڪ روزاني پاڻي چورائي پيو جيڪو پنجاب جا آبادگار غيرقانوني طريقي سان وڏا هيوي ٽربائين موٽر رکي پاڻي چورائي رهيا آھن پر ڪو به ادارو هن ملڪ ۾ نه آھي نه ئي ڪو قانون آھي نه وري حڪومت آھي جيڪا سنڌو دريا مان پاڻي چوري کي روڪي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏي، سنڌ جي زير زمين ۾ زھر آھي  ۽ سڄي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ توڙي سکر بئراج جي علائقي ۾ به پيئڻ جو مٺو پاڻي پهچائڻ به مسئلو ٿي پيو آھي جو ماڻھو زراعت لاءَ پاڻي قطب آڻي،

 

اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي سرڪار ۽ شھباز شريف جي گڏيل حڪومت اها تباهي آندي آھي جيڪا سنڌ کي 2010 واري اين ايف سي ايوارڊ تحت پئسا ڏي ٿي پر نئون اين ايف سي ايوارڊ تحت پئسا نٿي ڏئي سگهي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ کي 91 پاڻي ٺاھ مطابق پاڻي ڏنو وڃي جڏھن ته سنڌ کي پاڻي جي ضرورت آھي تڏھن حڪمرانن ڌاڙيل ڇڏي ڏنا آھن سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن سميت ڪراچي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ برباد پيو ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.