لکي غلام شاهه ڀرسان تراويح پڙهائي واپس موٽندڙ نوجوان بيدردي سان قتل

لکي غلام شاھ (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ لڳ تراويح پڙهائي واپس موٽندڙ حافظ قرآن کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، چڪ ٿاڻي جي حد ڪچي  واري علائقي ۾ تراويح پڙهائي واپس ڳوٺ موٽيندر حافظ قرآن  مهرالله بڊاڻي کي هٿياربندن رستي ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان حافظ مهرالله پٽ وڏو بڊاڻي پنهنجي ئي پاڙي جي ڳوٺ ۾ تراويح پڙهائڻ لاءِ ويل هو، نوجوان واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته رستي ۾ اڳواٽ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪيو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ لکي غلام شاھ اسپتال آندو ويو جتان لاش پوسٽ مارٽم جي ضروري ڪارروائيءَ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو شر برادريءَ سان جهيڙو هلندڙ آهي جن اسان جي نوجوان کي رستي ۾ قتل ڪري ڇڏيو، انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف شر برادري جو چوڻ آهي ته مهر الله بڊاڻي کي اسان قتل ناهي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.