ڪنڌڪوٽ باءِ پاس ڀرسان ڌنار کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مرڻينگ

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ باءِ پاس لڳ ڌنار نادر ڇڄڻ کي ھٿياربندن پاران اغوا ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت تي مرڻينگ ڪري ويا، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس نادرا  ڀرسان ڏينهن ڏٺي جو ھٿياربندن قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رحمت الله ڇڄڻ جي سئوٽ ڌنار نادر علي ڇڄڻ کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوان جي مزاحمت  ڪرڻ جي هٿياربندن هُن کي تشدد ڪري مرڻينگ ڪري بيهوشي واري حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، رحمت الله  ڇڄڻ جو چوڻ هو ته اسان غريب آهيون، پوليس نه ھجڻ ڪري ڏوھاري طاقتور ٿي ويا آهن جيڪي بنا ڪنهن خوف جي سري عام ٽولن جي صورت ۾ اچي وارداتون ڪن ٿا، سڄي سنڌ خوف ۾ وٺجي وئي آهي، امن قائم ڪرايو وڃي.

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل نينگري بابت جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تينو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ 10سالن کان گم ٿيل 16 ورهين جي نينگري  جي آزادي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سنڌ جي گهرو کاتي کي ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته جي آءِ ٽي درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ بعد سمورن رخن جو جائزو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪري، درخواستگذار جي وڪيل لياقت گبول چيو ته 16ورهين جي شبانه ايف بي ايريا جي هڪ خانگي اسڪول ۾ ڪم ڪندي هئي، 19مئي 2014ع تي ڇوڪري جو ڀاءُ کيس اسڪول مان وٺڻ ويو ته اسڪول وارن کيس ٻڌايو ته شبانه صدام ۽ آصف سان گڏ هلي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.