ميان صاحب ڀرسان ڀيا، ممڻاڻي مارفاڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل، ڌريون مورچابند

ميان صاحب ( رپورٽ: مظفر ملڪ ) جھان واھ ڀرسان ڀيا، ممڻاڻي مارفاڻي برادري تڪرار ٻيھر ڀرڪي پيو ، ھڪ ڄڻو بالاچ مارفاڻي گولين جو کاڄ بڻجي ويو ، ڌريون مورچابند ، علائقو جنگ جو ميدان بڻيل، جهان واھ ٿاڻي جي حد ۾ ذوالفقار خان ڀيو ۽ عبدالرحمان ممڻاڻي مارفاڻي وچ ۾ پراڻو خوني تڪرار هڪ دفعو ٻيهر ڀڙڪي پيو جھان واھ بيگاري ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾  مارفاڻي برادري جو هڪ ڄڻو 45 ورهين جو بالاچ پٽ خدابخش ممڻاڻي مارفاڻي مارجي ويو، ٻه سال پھريان سارين جي ول چوري معاملي تان شروع ٿيل ڀيا، مارفاڻي تڪرار ۾ مارفاڻي برادري جا 3 ڄڻا بالاچ مارفاڻي ، سعيد مارفاڻي ، سراج مارفاڻي مارجي چڪا آهن، جڏهن ته ڀيا برادري جي 3 ڄڻن لعل بخش ڀيو ، خادم ڀيو ۽ شاهو ڀيو سميت ٻنهي ڌرين جا مجموعي طور 6 ڄڻا گولين جا کاڄ بڻجي قتل چڪا آهن، مارفاڻي برادري جي عبدالغني مارفاڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مارجي ويل بالاچ مارفاڻي 10 ڏينهناڳ صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو وٽ پنهنجي برادري جي عبدالرحمان مارفاڻي کان لا تعلقي جو اظهار ڪري بيزاري نامو ڏئي چڪو هو ته منهنجو ڀيا _ مارفاڻي تڪرار سان ڪو واسطو تعلق ناهي تنھن باوجود ڀيا برادري جي ماڻهن اسان جو ناحق قتل ڪيو آھي جنھن جو ڪيس سندن مٿان داخل ڪرائيندا سون ، ممڻاڻي مارفاڻي برادري جي ھڪ قتل کانپوءِ ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي ڌريو مورچابند ٿي ويون جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.