پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي) پيرڳوٺ ڀرسان 11 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان ياسين ميتلو آزاد نه ٿي سگهيو، مغوي نوجوان جي صدمي ۾ معصوم ڌي ۽ پٽ بيماري سبب حالت خراب، ڌاڙيلن جو 50 لک روپيا ڀنگ لاءِ وارثن ڏانهن مسلسل فون اچڻ لڳا خيرپور پوليس به لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي، ڳوٺ ڪوڏ ميتلو واسي نوجوان ٽريڪٽر ڊرائيور ياسين ميتلو 11 ڏينهن گذرڻ باوجود آزاد نه ٿي سگهيو، مغوي نوجوان ياسين ميتلو جي معصوم ڌي ياسمين ۽ پٽ مسڪين ميتلو جي پيءُ جي صدمي ۾ بيماري سبب حالت خراب ٿي وئي، مغوي نوجوان جي ڀاءُ نادر ميتلو ٻڌايو ته ڀاءُ کي اغوا ٿيندي 11 ڏينهن گذري ويا آهن پوليس پاران لوڪيشن موجبب ڪشمور ضلعو ٻڌايو پيو وڃي، ايس ايس پي سان لڳاتار ملاقاتون ڪيون آهن پر ڪجهه ناهي ٿي سگهيو، ڌاڙيل مسلسل 50 لک ڀنگ لاءِ پريشان ڪري رهيا آهن، اسان ايترا پئسا نٿا ڏئي سگهون، ڀاءُ کي جلد کان جلد آزاد ڪرايو وڃي.