نئين سياسي منظرنامي ۾ عمران،فضل الرحمان ۽ وڪيل هڪ صفحي تي؟

لاهور(عوامي آواز نيوز) ججن جي خط کان پوءِ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام کي وڌائڻ جو رٿيو ويو آهي، نئين سياسي منظرنامي ۾ عمران خان، مولانا فضل الرحمان ۽ وڪيل هڪ صفحي تي نظر ايندا، عمران خان پاران حامد خان کي جيڪو مشن سونپيو ويو ان ۾ هو ڪامياب ٿي ويو آهي، عدليه بچايو تحريڪ لاءِ ماحول ٺاهيو ويو آهي، رمضان کان پوءِ نئين سياسي اٿل پٿل ٿيندي نظر پئي  اچي، مولانا فضل الرحمان عمران خان سان گڏجي ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو، جسٽس محسن اختر ڪياني جو ڪهڙو ڪردار هوندو؟ چيف جسٽس اسلام اباد هاءِ ڪورٽ خلاف 7 ججن بغاوت ڪري ڇڏي، ٻه ٽي ڏينهن هڪ غير رسمي اجلاس ۾ صلاح مشورا ڪيا ويا هئا، ان اجلاس کانپوءِ اهو خط سامهون اچي ويو،اهو به سوال اٿي ٿو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير اسٽيبلشمينٽ ۽ ڳجهن ادارن کي سياست کان ٻاهر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي،خط لکندڙن مان هڪ جج جي ٻٽي شهريت ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري ٿيل آهي، ٻئي جج تي سندس ڪرپٽ سرڪاري آفيسر ڀاءُ کي مڪمل تحفظ ڏيارڻ جو الزام لڳل آهي، ان خط جي بنياد تي حامد خان گروپ وڪيلن جي ڀرپور تحريڪ هلائيندو،عمران خان اڳ ئي وڪيلن جو وڏو انگ اسيمبلي ۾ پهچائي چڪو آهي، ان سڄي صورتحال ۾ مولانا فضل الرحمان جي انٽري ٿي آهي، وڪيل آءِ ايس آءِ تي الزام بازي ڪندا ۽ لکين ڊالرن جي مهم سان پاڪستان تي عالمي دٻاءُ وجهرايو ويندو،ملڪ اندر ۽ ٻاهر پريشر ٺهندو، عمران خان جي وڪيلن ذريعي ججن تي دٻاءُ جو حربو ڪامياب ٿيندي نظر پيو اچي،عيد کانپوءِ مختلف بار ڪائونسلز ۾ ججن جي حوالي سان ڪنوينشن منعقد ڪيا ويندا، آل پاڪستان وڪيل ڪنوينشن ذريعي عدليه بچايو تحريڪ هلائي ويندي، پي ٽي آءِ کي ٻيهر سياسي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان جو ڪلهو ميسر اچي ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.