پوليس پريا ڪماري کي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام، سنڌ سراپا احتجاج، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري کي پوليس  آزاد نه ڪرائي سگهي، سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، سوشل ميڊيا تي وڏي مهم جاري، پريا ڪماري جي آزادي جي گهر ڪئي پئي وڃي، هندو پنچائت، وڪيلن، شهرين توڙي سول سوسائٽي اڳواڻن طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ٿيل معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ھندو پنچائت جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي سول سوسائٽي پاران ڊاڪٽر ميهر چند، سريش ڪمار، دليپ ڪمار ٺاڪر، تارا چند، اڪرم باجڪاڻي، ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، فقير گوڪل داس، ڪامريڊ عباس، سنتوش اگروال، سجاد بروھي، رام چند آريا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻارن سميت سوين ماڻهن ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، نوشھرو فيروز ۾ وڪيلن پاران سيشن ڪورٽ نوشھرو فيروز ٻاھران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو، ايڊووڪيٽ عبدالستار لھراڻي، ميمبر سنڌ بار ڪائونسل ۽ ايڊوڪيٽ شيرمحمد اڄڻ ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اڳواڻي ۾ ايڊوڪيٽ محبوب علي اڄڻ، ايڊوڪيٽ اختر علي ڀيريجو، ايڊوڪيٽ فيصل لطيف ڀٽي، ايڊوڪيٽ اعظم خان ميمڻ، ايڊوڪيٽ ضميرالحسنين  ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سچل ماڊل ھائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب جي استادن شاگردن پاران استاد ڪرم هسين وساڻ، صدا حسين وساڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جھمپير ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران سکر جي سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سارنگ درس، اڪبر پالاري، اسد گوپانگ، عون علي پالاري، ھاشم سولنگي، حميد پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءِ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو اڳواڻن چيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري کي 32 مھينا اغوا ٿيندي ٿي ويا آھن پر اڃان تائين حڪومت ۽ ادارا نياڻي کي آزاد ناهن ڪرائي سگهيا، ھٿ وٺي سنڌ جون حالتون خراب ڪيون پيون وڃن، ڌاڙيلن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آھي، معصوم پريا سميت سمورن مغوين کي فوري طور آزاد ڪرايو وڃي، موري ۾ به ايس ٽي پي اڳواڻن حميد پنهور، ڊاڪٽر دائود عمراڻي، اعجاز سنڌي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، معصوم نياڻي جي حياتي کي خطرو آهي، پرياڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي، باڊهه ۾ جسقپ جي دودو ديشي ۽ پ پ شھيد ڀٽو جي فدا تنيو، احمد بشير نوناري ۽ جميل ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال کان حيدر چوڪ تائينپريا ڪماري جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ مختلف سياسي سماجي، صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن محمد علي خشڪ، منور نوناري، مرتضيٰ گوپانگ، لالا رياض بروهي، اصغر نوناري، نبي بلوچ، بخشل مگسي سميت شهرين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.