ڪراچي کان حيدر آباد روڊ تي موٽر وي چيو ٿو وڃي، ڇا موٽروي اهڙا هوندا آهن؟سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ  ڪورٽ سپر هاءِ وي کي موٽر وي قرار ڏيڻ تي اين ايڇ اي حڪمرانن  ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي کان حيدر آباد روڊ کي موٽر وي چيو وڃي، جنهن کي ڏسو گڏهه گاڏي ڪاهي ايندو آهي، ڇا موٽر وي اهڙا هوندا آهن؟ عدالت موٽر وي تي دوڪان ۽ مارڪيٽ ٺاهڻ جو طريقو گهريو آهي، اربع تي سنڌ ها ءِ ڪورٽ ۾ سهراب ڳوٺ کان پوءِ سپر هاءِ وي کي موٽر وي قرار ڏيڻ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي. سپر هاءِ وي کي موٽر وي قرار ڏيڻ تي عدالت اين ايڇ اي ۽ ٻين تي افسوس جو اظهار، درخواست گذار وڪيل موقف ڏنو ته چيو ويندو آهي ته سهراب ڳوٺ کان پوءِ  موٽر وي ٺاهيو ويو آهي، اين ايڇ اي سروس روڊ تي مارڪيٽون ۽ دوڪان ٺاهي کپايا ٿا وڃن، قانون مطابق سپر هاءِ وي تي سروس روڊ ۽ گرين بيلٽ تي ڪنهن قسم جي تعمير نٿي ٿي سگهي.

 

اين ايڇ اي طرفان 79 بلين روپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. اسان جو ڪو به تعلق ناهي، جسٽس صلاح الدين رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي کان حيدر آباد روڊ تي موٽر وي چيو ٿو وڃي، ڇا موٽر وي اهڙا هوندا آهن؟ ڪا به سهولت نه، سکر ملتان موٽر وي تي ڪيترا انٽر چينج آهن؟ ڪيترا سروس ايرياآهن؟ ٻڌايو وڃي ته موٽر وي تي گهڻا ڪمرشل دوڪان ۽ ڪيتريون مارڪيٽون آهن، موٽر وي تي دوڪان ۽ مارڪيٽون ٺاهڻ جو طريقيڪار گهرايو ويو، جسٽس صلاح الدين  رمارڪس ڏيندي چيو ته سڄي سپر هاءِ وي تي پيسا وٺي دوڪان ٺاهيا پيا وڃن، عدالت موٽر وي کان تفصيل طلب ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.