جج به آءِ ايس آءِ وانگر وڏا سياستدان ٿي ويٺل آهن:حسن ايوب

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناليواري صحافي حسن ايوب چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي وائکو ٿيڻو هوندو آهي، ، ڪو صحافي غلط خبر ڏئي ته ان کي ته ايف آءِ اي جو نوٽيس اچي وڃي ٿو پر ڪو جج جيڪڏهن غلط الزام هڻي ته ان جو احتساب ڪير ڪندو؟ ججن کي پنهنجي الزامن کي ثابت ڪرڻو آهي، اهو خط پري پلان آهي، اهي واقعا ڏيڍ سال پراڻا آهن، سپريم ڪورٽ ۾ ئي ڪو صاحب موجود آهي جيڪو پلان ڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي هدايتون ڏيندو آهي، جسٽس شوڪت عزيز صديقي ته جنرل فيض حميد جو نالو کنيو هو انهن ججن ڪنهن حوالدار جو به نالو ناهي ڏنو،هن چيو ته فل ڪورٽ اجلاس ۾ معاملو انتظامي طور حل ٿيڻ ڏانهن ويندو،عدليه جودنيا ۾ مقام 137 آهي، ايجنسين کي ججن کي هدايتون نه ڏيڻ گهرجن، جج عدالتي سياست ۾ ملوث آهن، محترم جج به آءِ ايس آءِ وانگر وڏا سياستدان ٿي ويٺل آهن،ناصر اقبال چيو آهي ته سڀ واقعا پراڻا آهن، چيف جسٽس کي خط لکڻ اهم معاملو آهي، اٽارني جنرل به معاملي کي سنگين قرار ڏنو آهي، جج ته حلف کڻي چڪا آهن، کين مداخلت تي نوٽيس وٺڻ گهرجي، پٽيشن ۾ لکيو آهي ته جج ڊڄي ويا آهن،هن چيو ته 2007ع ۾ جسٽس رمدي حڪم ڏنو هو ته سپريم ڪورٽ جي حدن ۾ ڳجهن ادارن جو ڪو به آفيسر نظر نه اچڻ گهرجي پر ان تي شايد عمل نه پيو ٿئي،صحافي عبدالقيوم صديقي چيو ته جسٽس محسن اختر ڪياني جي ڀيڻيوئي کي اغوا ڪري بجلي جا ڪرنٽ ڏنا ويا، جسٽس طارق جهانگيري کي آءِ ايس آءِ وارن رابطو ڪري داٻا ۽ ڌمڪيون ڏنيون جنهن تي هن جو بلڊپريشر هاءِ ٿي ويو ۽ کيس اسپتال داخل ڪرڻو پيو، ٽيون هڪ جج جي بيڊروم جي ڪمري مان ڪئميرائون مليون آهن، معاملا حل ٿي ويا ته هاڻي خط ڇو آيو آهي؟ قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو ڇا ڏنو ادارو هن جي خلاف ٿي ويو، شوڪت صديقي ڪيس ۾ به ادارن جي مداخلت ثابت ٿي وئي، عمران خان جي حق ۾ فيصلو اچي ٿو ته جسٽس محسن اختر ڪياني خلاف ريفرنس اچي وڃي ٿو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.