بحريا ٽائون کي سوڙهو ڪرڻ تي منصوبي تحت ججن جو خط آندو ويو: ميان دائود ايڊووڪيٽ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) جسٽس مظاهر نقوي خلاف ريفرنس داخل ڪندڙ ايڊووڪيٽ ميان دائود چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ جي ججن پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪيو آهي، اهي پنهنجي ذميواريون ادا ڪرڻ جي اهل ناهن، ججن جو حلف چوي ٿو ته کين آئين تحت بغير ڪنهن خوف ۽ لالچ جي فيصلا ڪرڻا آهن، جج ته هر ڪيس ۾ دٻاءُ جو اعتراف ڪري رهيا آهن، ان خط ۾ عمران خان جي ڪيس جو رڳو هڪ حوالو ڏنل آهي، ججن کي ان ڪيس کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ گهرجي ها، ججن پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، مون ان ڪيس ۾ آئيني درخواست ۾ اهو نقطو اٿاريو آهي ته جڏهن به تحريڪ انصاف کي ڪو بيانيو ٺاهڻو هوندو آهي ته ڪو نه ڪو بيانيو ٺاهيو ويندو آهي۽ سپريم ڪورٽ تي چڙهائي ڪئي ويندي آهي، عمران خان جي پنهنجي وڪيلن کي هدايت ڪيل آهي ته توهان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڀت سان لڳايو،چيف جسٽس بحريا ٽائون جي ڪيس ۾ سخت حڪم جاري ڪيا ته ڪمشنر راولپنڊي جي پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي، پي ٽي آءِ ڪمشنر جي پريس ڪانفرنس جي حمايت ڪئي، هفتو اڳ قاضي فائز عيسيٰ بحريا ٽائون جي ڪيس ۾ وري سخت آرڊر جاري ڪيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن مارڪيٽ ۾ خط جاري ڪري ڇڏيو اتي به پي ٽي آءِ ميدان ۾ اچي ان خط جي حمايت ڪئي،اهو رڳو اتفاق ناهي، ان خط پٺيان ملڪ رياض،پي ٽي آءِ ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ ملوث پورو نيٽ ورڪ آهي، ڪنهن طريقي سان چيف جسٽس کي ديوار سان لڳايو وڃي، چيف جسٽس عدليه ۾ احتساب ڪري رهيو آهي،مافيا جي عدليه ۾ ڪيل سيڙپڪاري ختم ڪئي پئي وڃي، هڪ مظاهر نقوي نڪري ويو باقي مظاهر نقوي به ويٺل آهن،هن چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل کي اهو اختيار ئي ناهي ته اها آءِ ايس آءِ جي مداخلت جي جاچ ڪري سگهي،پوءِ به اهو خط ڇو لکيو ويو؟ انهن کي قانون جي خبر ناهي ته انهن کي ڪن مان پڪڙي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ڪڍيو وڃي، اهي جج هڪ سال کان پنهنجي چيف جسٽس کي خط لکي رهيا هئا اتي ڪجهه نه ٿيو جيئن ئي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بحريا ٽائون کي سوڙهو ڪيو ته اهو خط ليڪ ٿي ويو،اهو ڪهڙو اتفاق آهي؟ عدليه کي اسڪينڊلائز ڪيو پيو وڃي، توهان آئين جي آرٽيڪل 204  تحت دٻاءُ وجهندڙ آءِ ايس آءِ آفيسر کي سزا ڏيو،سڄو پاڪستان توهان سان گڏ هوندو، توهان عرفان نواز ميمڻ کي ته سزا ڏئي ڇڏي،تحريڪ انصاف ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهي ٿي، ان خط ۾ ججن کي شوڪت عزيز صديقي وانگر لکڻ گهرجي ها ته فلاڻي ڪيس ۾ فلاڻو آءِ ايس آءِ آفيسر آيو ۽ فيور گهري پر توهان ته هڪ جنرل الزام هڻي پوري پاڪستان جي عدليه کي آءِ ايس آءِ جي مداخلت هيٺ قرار ڏئي ڇڏيو آهي، اسان مڃون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ ۽ آءِ ايس آءِ جي عدليه ۾ مداخلت رهي آهي،پاڪستان ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ئي عمران خان کي سڀ کان وڌيڪ رليف ڏنو آهي، ان خط وسيلي عمران خان،بحريا ٽائون کي بچائڻو آهي،مان اهي ڳالهيون عدالت ۾ ثابت ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.