پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بلند ترين سطح جو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس نئين تاريخ لکي ڇڏي.
اڄ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان ئي 100 انڊيڪس ۾ هاڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 627 پوائنٽون واڌ سان 67 هزار 177 پوائنٽن تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو.
پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 594 پوائنٽون واڌ سان 67142 جي سطح تي بند ٿيو.
ان کان اڳ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس جي تاريخي بلند ترين سطح 67094 هئي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ 650 پوائنٽن جي واڌ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.