پيٽروليم شين تي وڌيڪ 20 کان 30 رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين ۽ فاسل فيول تي 20 کان 30 رپيا ليٽر ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب ليوي نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي ۽ ان جو مقصد انهن شين جي کپت جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاربن ليوي سان حاصل ڪيل روينيو وفاقي حڪومت استعمال ڪري سگهندي.
واضح رهي ته پيٽروليم شين تي اڳ کان 60 رپيا ليٽر پيٽروليم ليوي لاڳو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف به پيٽروليم شين تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.