آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ناراضگي وڌي وئي؟

اسلام آباد (ع آ نيوز)جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ صدر آصف زرداري ۾ هلندڙ ٽڪراءَ وڌي ويو آهي، ٻڌايو وڃي ٿو ته آصف زرداري پي ڊي ايم جي حڪومت کان اڳ مولانا کي عمران خان خلاف ساٿ ڏيڻ تي ڪي پي ڪي ۾ ڀرپور مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، پر پي ڊي ايم حڪومت ۽ ان کانپوءِ چونڊن ۾ ساڻس ٿيل واعدا پورا نه ٿيڻ ۽ چونڊن ۾ آيل شڪست کانپوءِ مولانا صدر آصف زرداري کان سخت ناراض آهي. هاڻي جي يو آءِ سينيٽر طلحه محمود جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت کانپوءِ اها ناراضگي اڃا وڌي وئي آهي. طلحه محمود مولانا جي وڏو ويجهو هو ۽ هو سندس وڏو مالي مددگار هو. هاڻي مولانا صدر آصف زرداري کان مليل شڪستن تي مايوسيءَ جو شڪار آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 28 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.