اسٽيبلشمينٽ طرفان هڪ ٻي نئين پارٽي آڻڻ جي باقاعده منظوري

ڪراچي (خاص رپورٽ: عدنان هاشمي) ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته چونڊن جي نتيجن اسٽيبلشمينٽ کي سرپرائز ڪيو آهي، پر ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ هڪ سيٽ جي نتيجي جو فيصلو اسلام آباد ۾ ويٺل ٽن وڏن ڪيو،  جتي جتي جيڪا حڪومت ٺهي، اها اسٽيبلشمينٽ جي پلان موجب آهي. هاڻ تازا اطلاع آهن ته اسٽيبلشمينٽ جيڪو عمران خان جي صورت ۾ تجربا ڪرڻ جو نئون سلسلو شروع ڪيو هو، اهو نه رڳو پوءِ جاري رهيو، پر اسٽيبلشمينٽ وري هڪ نئون تجربو ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي لغام ڏيڻ لاءِ ن ليگ کي ميدان ۾ لاٿو ويو ۽ جڏهن ن ليگ پريشان ٿيڻ لڳي ته پوءِ ٻنهي جماعتن کي سبق سيکارڻ لاءِ تحريڪ انصاف ۾ تازي هوا ڀري هڪ ڀيرو ٻيهر سامهون آندو ويو، پر هاڻ صورتحال اها آهي ته ٽئي جماعتون، خاص طور تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ن) اکيون ڏيکاري رهيون آهن، جنهن کانپوءِ هڪ نئين پارٽي جي باقاعده منظوري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ چوڌري شجاعت خاندان، محسن نقوي، شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، مصطفيٰ نواز کوکر، مشاهد حسين سيد، فيصل واوڊا سميت ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي ڪجهه اهم اڳواڻن جي شموليت ٿيندي. ماضي ۾ به شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ مصطفيٰ نواز کوکر بابت اطلاع سامهون ايندا رهيا، جنهن جي اهي اڳواڻ ترديد ڪندا رهيا آهن، پر ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳتي هلي حالتن بهاني اهي اڳواڻ پارٽي ٺاهڻ جي ضرورت کي بيان ڪندي نظر ايندا. جيڪڏهن حالتن ساٿ نه ڏنو ته اهي ماڻهو هڪ پريشر گروپ طور موجود هوندا. جيڪي اينڪر پرسن ماضي ۾ انهن اڳواڻن تي تنقيد ڪندي نظر ايندا هئا، گذريل هڪ سال کان نه رڳو انهن اڳواڻن کي پنهنجي شوز ۾ دعوت ڏيندا آهن، پر اهم قومي معاملن تي انهن جي راءِ وٺندي به نظر ايندا آهن، انهن اڳواڻن جي بيانن کي نيوز بليٽن ۾ پڻ جاءِ ڏني ويندي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن سڀني اڳواڻن کي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ئي شوز ۾ شامل ڪيو  ويندو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته پارٽي ڪڏهن وجود ۾ ايندي ۽ ماضي جي تجربن جيان هي تجربو به ناڪام ٿو ٿئي يا وري ان جو ملڪ لاءِ ڪو هاڪاري نتيجو سامهون ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.