ججن جي خط پٺيان ملڪ رياض جو ڪردار؟ايجنسين جي مداخلت ختم ڪرڻ چيف جسٽس جو امتحان

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي  خط جي معاملي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس اڍائي ڪلاڪ تائين جاري رهيو جنهن ۾سپريم ڪورٽ جا سمورا جج شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ججن جي خط جي غور ڪيو ويو، ۽ خط جي آئيني ۽ قانوني حيثيت جو جائزو ورتو ويو، هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط ۾ لکيل واقعن تي سخت پسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ بار قانون جي حڪمراني تي يقين رکي ٿي، عدليه ۽ ججن جي نجي زندگي ۾ مداخلت جي مذمت ٿيڻ گهرجي، ججن جي نجي زندگي ۾ مداخلت تي ڪارروائي به ٿيڻ گهرجي،پاڪستان بار ڪائونسل ججن جي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هڪ بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ججن تي مشتمل ڪميٽي بڻائي وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي الزامن جي جاچ لازمي آهي، معزز ججن جي خدشن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،بيان موجب عدليه جي آزادي تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي، خدشا ختم ڪرڻ جي مجاز اٿارٽي جڊيشل ڪائونسل ناهي، چيف جسٽس آهي، ٽئين جج جي گهر تي ڪريڪر اڇلايا ويا

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ \ جي 6 ججن جو خط جي ٽائمنگ تمام اهم آهي،اصل امتحان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو آهي، جسٽس شوڪت صديقي بابت ڪيس جي فيصلي کان پوءِ اهڙو خط اچڻ معني خيز آهي،ان خط ۾انهن ججن پنهنجي چيف جسٽس عامر فاروق کي مخاطب نه ڪيو آهي،خط ۾ چيو ويو ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي ان ڪري هٽايو ويو ڇو ته هو ان وقت جي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل فيض حميد جي مرضي جي بئنچ جوڙڻ واري دٻاءُ جو مخالف هو، جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي ته انصاف ملي ويو پر ججن تي دٻاءُ وجهندڙ جنرل فيض حميد  خلاف ته سپريم ڪورٽ ڪا ڪارروائي نه ڪئي،شوڪت عزيز صديقي کي پي ٽي آءِ سرڪار هٽايو هو،شوڪت عزيز صديقي کي فيئر ٽرائل جو حق نه مليو پر ان وقت جي صدر عارف علوي کيس ٻڌڻ جو موقعو ڏيڻ کان بغير عهدي کان فارغ ڪيو،خط ۾ چيو ويو ته شوڪت عزيز صديقي جي الزامن جي جاچ ڪئي وڃي ته تڏهن به ۽ هاڻي به من پسند بئنچ جوڙڻ ۽ من پسند فيصلن لاءِ ڳجهن ادارن جا ڪردار مداخلت ڪري رهيا آهن؟ ڇا جج ايجنسين جي دٻاءُ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن؟ انهن سڀني ججن جي سٺي شهرت آهي، پر اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته جڏهن شوڪت عزيز صديقي جو معاملو ٿيو ته گهڻن ججن ان معاملي تي نه ڳالهايو،اهو معاملو ڊگهي عرصي تائين هليو پر ان قسم جو خط ڪڏهن به سامهون نه آيو، ان خط ۾ انهن واقعن جو به ذڪر آهي، عمران خان نيازي ۽ محمد ساجد جي 2022ع جي ڪيس جي قابل سماعت ڪرڻ واري فيصلي تي جج تي ايجنسين طرفان دٻاءُ آيو ته اهو ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو وڃي،جج جو بلڊ پريشر هاءِ ٿي ويو کيس اسپتال داخل ڪرڻو پيو ،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس آءِ ايس آءِ جي قيادت سان رابطو ڪيو جتان خاطري ڪرائي وئي ته آئنده ان قسم جو دٻاءُ نه ايندو پر ان خاطري باوجود ايجنسين جو دٻاءُ جاري رهيو، مئي 2023ع ۾ هڪ جج جي ڀيڻيوئي کي کنڀيو ويو،جج جي پٽ جي ريڪي ڪئي وئي،اغوا ڪندڙن ٻڌايو ته سندن تعلق هڪ ڳجهي اداري سان آهي،جج تي استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، ان وقت هڪ صحافي آصف بشير چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڳجهي اداري جي آفيسر کي منهن لڪائيندي ٻاهر وڃڻ وقت وڊيو ٺاهي هئي ۽ هن ان آفيسر کان سوال ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ان وڊيو تي صحافي آصف بشير چوڌري کي نتيجا به ڀوڳڻا پيا،مئي 2023ع ۾ ماتحت عدالت جي جج جي گهر ۾ ڪريڪر اڇلايا ويا،معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي علم ۾ آندو ويو پوءِ جج کي او ايس ڊي ٿيڻو پيو، مئي 2023ع ۾ ججن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو ته اهي ايجنسين جي مداخلت کان تنگ آهن،توهين عدالت ڪارروائي جي شروعات ڪئي وڃي،معاملا نه رڪيا ته تڏهوڪي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الاحسن جي علم ۾ اهي ڳالهيون آنديون ويون پر ڪجهه به نه ٿيو، ان وقت جي سينئر سپريم ڪورٽ جج قاضي فائز عيسيٰ کي به ٻڌايو ويو پر پوءِ ڪجهه نه ٿيو،ان خط ۾ جسٽس عمر عطا بنديال، اعجاز الاحسن ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي به شڪايت ڪئي وئي،خط ۾ چيو ويو ته مئي 2023ع ۾ هڪ جج کي سرڪاري رهائش گاهه ملي ته هن مينٽيننس جو ڪم ڪرايو ،اتي لائيٽن مان ڳجهيون ڪئميرائون هٿ آيون،اهو معاملو به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي علم ۾ آندو ويو ،اهو الزام اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ تي به وڃي سگهي ٿو،ماضي ۾ گلگت اسلام آباد جي چيف جج راڻا شميم به خط لکي الزام هنيو هو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه ۾ ڳٺ جوڙ ٿيل آهي،عاصمه چيو ته الزام سنگين آهن، اهو پينڊورا باڪس کليو ته بحران ختم ٿي سگهي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته بحران اڃا به گهرو ٿي وڃي،لڳي ٿو ته سمورا امتحان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪلهي تي رکيا ويا آهن

اسلام اباد(عوامي آواز نيوز) ملڪ رياض جو پئسو ڪم  اچي ويو يا ججن جو ضمير واقعي جاڳي پيو آهي؟ عمران دار جج هئڻ جي نشاني آهي؟اهو خط پي ٽي آءِ حامي صحافين منظرعام تي آندو آهي، انهن الزامن تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا، جيترا به واقعا آهن اهي مئي 2023ع سان ڳنڍيل آهن،هاءِ ڪورٽ جي جج کي ڪا ايجنسي تنگ ڪري رهي هئي ته هو ٻئي ڏينهن اٽارني جنرل، گهرو سيڪريٽري، آءِ ايس آءِ جي سربراهه کي عدالت طلب ڪري پڇاڻو ڪري پئي سگهيو،پر اهي چپ رهيا،ان عدالت ۾ ٽيريان ڪيس به هليو، عمران خان آمريڪا ۾ اسٽيمپ تي لکي ڏنو ته ٽيريان کي ڀلي سندس ماسي حوالي ڪيو وڃي، پر هڪ شهري جي درخواست کي انهن 6 ججن مان ٻن ججن رد ڪري ڇڏيوجڏهن ته اسلام آباءِ ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس چيو هو ته ان ڪيس جي ڪارروائي اڳتي وڌڻ گهرجي،پر اهو فيصلو ٻه هڪ جي حساب سان آيو ان ڪري ڪيس رد ٿي ويو اڄ تائين عمران خان ٽيريان جي ڌيءُ نه هئڻ جو انڪار ناهي ڪيو، سوال اهو آهي ته بشريٰ بي بي ڪالهه آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ٻين اهم ڪردارن تي سنگين الزام هڻندي چيو ته مان باضمير ماڻهن کان مخاطب ٿي آهيان رات جو انهن ججن جو ضمير جاڳي پيو، ڇا اهو اتفاق آهي، ڇا اهو به اتفاق آهي ته ملڪ رياض جي سمورن ڪيسن جو معاملو انهن ججن وٽ اچي ٿو ۽ تاريخ مٿان تاريخ ملي ٿي؟ ڇا اهو به اتفاق آهي ته ڪالهه ئي  ملڪ رياض سان ڳنڍيل ڪيس(القادر ٽرسٽ ڪيس)هو جنهن ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جوابدار جي حيثيت سان پيش ٿيا، ڪالهه ئي بشريٰ بي بي صحافين سان ڳالهيون ڪيون ۽ ججن جو ضمير جاڳي پيو، عمران حامي جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ئي ويٺل آهن،اهي جج ڪڏهن ڀرتي ٿيا،ان وقت چيف جسٽس ڪير هو؟ عمران خان پراجيڪٽ تمام وڏو هو، ميان دائود خان ايڊووڪيٽ  پاران درخواست ۾  محسن اختر ڪياني جي بني گالا ۾ هڪ هائوسنگ سوسائٽي جو ذڪر به آهي جنهن بابت هڪ درخواست سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ التوا ۾ پيل آهي،قانون مطابق ڪو به جج ڪاروبار نٿو ڪري سگهي،جسٽس شوڪت عزيز صديقي ماضي ۾ مداخلت ڪندڙ ڪردارن جا نالا کنيا هئا،اهي جج به ٻڌائن ته ڪهڙو جنرل،ڪرنل توهان تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي؟

لاهور(عوامي آواز نيوز) عدليه جو اسٽيبلشمينٽ سان ڳٺ جوڙ ٽٽي رهيو آهي؟ اهو ڳٺ جوڙ پاڪستان جي ٻن وڏين سياسي جماعتن کي ختم  ڪرڻ لاءِ هو؟ مفاد گهرا هئا، عالم اهو آهي ته هڪ ٻئي خلاف پارٽيون ميدان ۾ اچي ويون آهن، عمران خان جي چاهت ۾ پراجيڪت عمران خان جا ڪردار قانون ۽ عدليه جي آزادي جي نالي تي پنهنجن اڳوڻن پارٽنرن خلاف ڳالهائي رهيا آهن،تجزئي نگارن موجب پاڪستان سان آخري وڏو ظلم شهبازشريف ڪيو آهي جنهن سول آفيسرن جي ٽرانسفر پوسٽنگ بابت فائنل اختيار آءِ ايس آءِ کي ڏئي ڇڏيا آهن،لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز چوڌري کي ڪور ڪمانڊر لاهور فون ڪري چيو ته ٻڌو آهي توهان جج رکي رهيا آهيو؟ ٻه چار جج اسان جا به رکي ڇڏيو، بعد ۾ جسٽس اعجاز چوڌري وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي، پاڪستان جي عدليه ۾ جج ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو ائين هلي ٿو،جنرل اظهر، جنرل فيض حميد ۽ جنرل قمر جاويد باجوا پاڪستان جي سسٽم جو ستياناس ڪري ڇڏيو هو،ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ته فيصلو ٿي چڪو هو ته اسان کي قاضي فائز عيسيٰ کي عدليه ۾ رکڻو ئي ناهي پر قدرت جو ڪمال ڏسو ته هو چيف جسٽس بڻيو ويٺو آهي، عمران خان ۽ جن ججن کي به توهان آندو اهي توهان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن،اهي تجربي ڳچي ۾ پئجي ويا آهن، فوج جو آرڊر ناڪام ٿيو ته اهو ملڪ لاءِ خطرناڪ هوندو، مداخلت ته شروع کان ئي آهي، انهن ججن کي مداخلت 9مئي واقعن کان پوءِ نظر اچي ٿي جڏهن کان عمران خان عتاب هيٺ آيو آهي تڏهن کان انهن ججن کي آئين قانون ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت نظر آئي آهي،فوج اندر به عمران خان حامي آفيسرن کي هٽائڻ جو سلسلو جاري آهي، سپريم ڪورٽ کان وٺي اعليٰ عدليه ۾ پراجيڪٽ عمران خان جو گند به صاف ٿيڻو ئي آهي،سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ 100 کان وڌيڪ ججن خلاف شڪايتون داخل ٿيل آهن،چيف جسٽس انهن درخواستن تي پنهنجي برادر ججن کي مارڪ ڪيون آهن،عمران خان کي جيترو به رليف ملي رهيو آهي اهو يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ يا پشاور هاءِ ڪورٽ مان ئي ملي رهيو آهي، عمران خان جي انجام کي ڏسندي انهن ججن آپگهاتي حملو ڪيو آهي پا پاڻ کي بچائڻ لاءِ قدم کنيو آهي،عمران خان لاءِ فوجي اسٽيبلشمينٽ ۽ رياست سرينڊر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،عمران خان وائرس مان جان ڇڏائڻ لاءِ يا ته مارشل لا لڳائي وڃي يا فوج عمران خان کي آڻيندڙ جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد کي آڻي سامهون بيهاري انهن جي دور ۾ ئي گند ٿيو هو،رياست بچائڻ ۽  ملڪ هلائڻ لاءِ ادارن کي معافي وٺڻي پوندي، اهو خط لکڻ کان پوءِ 6 جج عدالتي ڪارروائي کان بري ٿي چڪا آهن، ڇو ته انهن تسليم ڪري ورتو آهي اهي دٻاءُ م آهن، جيڪي دٻاءُ ۾ اچي وڃن اهو جج نٿو ٿي سگهي،ان خط کان پوءِ اٽارني جنرل چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات ڪئي آهي، حڪومت پاران اٽارني جنرل موقف ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ اهو معاملو اٿي سگهي ٿو، جج پنهنجا ثبوت ڪيئن پيش ڪندا، انهن سڀني ججن جي مقرري عمران خان جي دور ۾ ٿي آهي، عدليه ۾ حساس ادارن جي مرضي کان سواءِ ڪو جج نٿو اچي سگهي ڪڏهن ڪڏهن سٺا جج به اچي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.