ارسا آرڊيننس سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آهي، ڊيلٽا اڳ ئي تباهه ٿي چڪو آهي:قوم پرست

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرستن، موجوده وفاقي حڪومت پاران نگران حڪومت جي جاري ڪيل ارسا آرڊيننس 2024ع کي واپس نه وٺڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ارسا آرڊيننس سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري لکين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي ويون، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي ويو آهي ۽ سمنڊ تيزي سان ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعي جون زمينون ڳڙڪائي پيو، ارسا آرڊيننس 2024ع بابت عوامي آواز سان ڳالهائيندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته نگران وفاقي حڪومت پاران ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي آڻي جاري ڪيل ارسا آرڊيننس سنڌ دشمني تي ٻڌل آھي، سنڌ ان آرڊيننس کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي اتحادي حڪومت فوري طور تي نگران حڪومت جي سنڌ دشمن ارسا آرڊيننس کي ختم ڪري، ارسا ايڪٽ تحت ارسا چيئرمين مقرر ڪيو وڃي ۽ 91ع واري پاڻي ٺاھه تحت سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين ڀڙڀانگ ڪئي وئي آھي، ڪوٽڙي کان ھيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ فطري آھي، اھو فطري ڇوڙ بند ڪرڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي اڳتي وڌي آيو آھي ۽ سنڌ جو جر زھريلو ٿي ويو آھي، ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ بحال ڪيو وڃي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته نگران سرڪار ويندي ويندي ارسا کي طاقتور بڻائڻ لاءِ غير آئيني آرڊيننس جاري ڪيو هو، جنهن آرڊيننس تحت پاڻي ورڇ جا فيصلا ڪيا ويندا، حصي جو پاڻي هجي يا سنڌ جا معدني وسيلا ۽ ناڻو سنڌ سان سدائين ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن، تازو ارسا آرڊيننس جي ذريعي 1991ع واري پاڻي ٺاھه جي به حيثيت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيتوڻيڪ 1991ع پاڻي ٺاھه تي به عمل نٿو ڪيو وڃي، سنڌ ۾ سدائين پاڻي جي کوٽ رهي آهي، سنڌو درياهه ۾ واري پئي اُڏامي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه هئڻ سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، موجوده سرڪار کي نگران سرڪار جي آرڊيننس کي واپس وٺڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ 1991ع واري پاڻي ٺاھه تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ بنا دير سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو سنگين آهي، تڪراري فيصلا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته پنجاب پاڻي جي ورهاست کان ويندي هر معاملي ۾ سنڌ سان ظلم ڪندو رهيو آهي، انگريز دور ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ٿيل 1945ع واري پاڻي ٺاهه جي پنجاب پاڪستان ٺهڻ کان وٺي 91ع تائين ڀڃڪڙي ڪندي آيو، پنجاب پاڻي چوري ڪندي ڪئنال ڪڍي سڄي سنڌو درياهه کي ابتو واهيندو رهيو آهي، پنجاب جي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ زمين آباد ٿي آهي ۽ سنڌ جي 40 لک کان وڌيڪ زمين غير آباد ٿي، جڏهن ته ڊيلٽا جي لکين ايڪڙ زمين ڊيلٽا تائين درياهه جو مٺو پاڻي نه پهچڻ ڪري سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن وارن علائقن ۾ پاڻي ناهي، پنجاب ٿل ڪئنال، چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ چابهار ڪئنال سميت ٻين طريقن سان سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي وڃي ٿو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙي چيو ته نگران وفاقي حڪومت کي اهو اختيار ئي نه هو ته 91ع واري ارسا ايڪٽ جي مقابلي ۾ آرڊيننس جاري ڪري، پر تنهن هوندي به نگران حڪومت اهو غير آئيني ڪم ڪيو، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ۽ (ن) ليگ سان گڏ وفاق ۾ اتحادي جماعت آهي، جڏهن ته صدر به پيپلزپارٽي جو آهي، ان ڪري پيپلزپارٽي تي اها ذميواري اچي ٿي ته هو ارسا آرڊيننس کي واپس ڪرائي ۽ 91ع واري پاڻي ٺاهه تحت ئي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياري، پر پيپلزپارٽي رڳو بيانن تائين محدود آهي، سنڌ حڪومت جو وفاق آڏو ڪمزور موقف سنڌ کي تمام گهڻو نقصان پهچائيندو، ايندڙ وقت ۾ پاڻي جا تمام وڏا مسئلا پيدا ٿيندا ۽ جيڪڏهن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳو ته اها پڪ ٿي ويندي ته پيپلزپارٽي کي اقتدار سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن تي قبضي واري سوديبازي جي ڪري مليو آهي، اسان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ کي سنڌ جي زمينن تي قبضي جي ڪوشش ۽ پيپلزپارٽي کي اقتدار ڏيڻ واري معاهدي جي ڪڙي سمجهون ٿا. هن چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ جي قومي حقن جو تحفظ چاهي ٿي ۽ اسان ان معاملي تي خاموش نه ويهنداسين، ان سلسلي ۾ عيد کانپوءِ 20 اپريل تي حيدرآباد ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي وارين ڪوششن ۽ پاڻي جي مسئلي تي ڪانفرنس سڏائي رهيا آهيون، جنهن ۾ پاڻي ماهرن سميت سنڌ جي سياسي جماعتن ۽ گهڻ گهرن کي گڏ ڪري لائحه عمل جوڙي جدوجهد جو اعلان پڻ ڪنداسين. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل حيدر ملاح چيو ته نگران حڪومت پاران ارسا آرڊيننس 2024ع لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ن ليگ ۽ پ پ جي گڏيل وفاقي حڪومت اڃا تائين غير آئيني آرڊيننس جي خلاف قانوني ساز ڪرڻ کان انڪار ڪري بيٺي آهي، جنهن سان مستقبل ۾ خطرو پيدا ٿيو آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي قبضو ڪيو ويندو. هن چيو ته جمهوري وفاق ۾ شامل قومن ۽ اڪاين جي گڏيل فيصلن سان ئي فيڊريشن ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام پيدا ٿيندو آهي، جنهن سان ملڪ ترقي ڪندو آهي، پر هن ملڪ ۾ وفاق جي نالي تي محڪوم قومن جي تاريخي وطنن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، پاڪستان جي ستن ڏهاڪن واري تاريخ ان ڦرلٽ سان ڀري پئي آهي، هن چيو ته آرڊيننس واپس وٺڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي ترت وفاقي سان رابطو ڪرڻ گهرجي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو گذريل نگران حڪومت کي ڪو به قانوني اختيار نه هو، نگران حڪومت قانون جي لتاڙ ڪري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي، چونڊن کانپوءِ فارم 47 تحت جيڪا پي ڊي ايم حڪومت ٽو ٺهي آهي ان به نگران حڪومت جي ڪيل غير قانوني فيصلي کي جاري رکيو آهي. هن چيو ته حڪومتون چونڊيل هجن يا غير چونڊيل سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ واري پاليسي ساڳي آهي، ارسا ايڪٽ کي مٽائي آرڊيننس جي ذريعي ترميمن جو پلان ايس آئي ايف سي تحت جڙيو آهي، گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو پرائيوٽ لميٽڊ کي چولستان ۾ ڏنل 60 لک ايڪڙ زمين سميت ٻين صوبن ۾ ڏنل لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ اڳ ئي نه فصلن ۽ نه ئي پيئڻ لاءِ پاڻي آهي، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ 91ع پاڻي ٺاهه موجب 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي، لکين ايڪڙ زمين سنڌ جي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، ماهيگيري کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي بدترين مارشل لا جو ثبوت آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جو صدر آصف زرداري آهي ان کي قانون موجب ارسا آرڊيننس کي ختم ڪرڻ جو اختيار آهي، پر پيپلز پارٽي ارسا آرڊيننس ختم نه ڪندي، پيپلزپارٽي پاڻي سيمت سنڌ جي وسيلن تي وفاق جي ڌاڙن ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ۽ زمينن تي قبضن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، ان ڏاڍ خلاف جدوجهد جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.