متحده واوڊا کي ووٽ ڏيندي، رئوف صديقي ۽ نجيب هارون هٿ کڻي ويا

ڪراچي( رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاران فيصل واوڊا کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، متحده قومي موومينٽ پاڪستان (ايم ڪيو ايم پاڪستان) جي اڳواڻن رئوف صديقي ۽ نجيب هارون سينيٽ چونڊن کان دستبردار ٿي ويا. ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي رئوف صديقي چيو ته پارٽي جو فيصل واوڊا جي حمايت جو فيصلو درست آهي. اسان جا ساڻس سٺا لاڳاپا رهيا آهن پر هو ايم ڪيو ايم جو اميدوار آهي  يا نه پر کانئس پڇيو وڃي. ٻئي طرف نجيب هارون جو چوڻ هو ته مان پي ٽي آءِ ڪراچي جو پهريون صدر هئس هاڻي مان متحده قومي موومينٽ پاڪستان مان ايم ڪيو ايم جو حصو آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.