ڪنڌڪوٽ ۾ گولا برادري جو بدامني خلاف ۽ مغوي جي آزادي لاءِ ڌرڻو

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ ڪافي ڏينهن اڳ  اغوا ٿيل گولابرادري جي هڪ مغوي جي آزادي ۽ بدامني خلاف انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، پنجويھه ڏينهن اڳ رات جو تنگواڻي روڊ تان ڌاڙيلن  در محمد گولوکي اغوا ۽ عبدالخالق گولوکي زخمي ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا هئا، گولا برادري ۽ مغوي جي وارثن گولا موڙ ڪنڌڪوٽ  انڊس هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، سنڌ پنجاب بلوچستان، ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، مسافر سخت پريشانين ۾ وٺجي ويا، اغوا ٿيل نوجوان  جي وارثن علي مراد، جعفر علي گولو ۽ ٻين چيو ته اسان ايس ايس پي بشير احمد بروهي کان مطالبو ٿا ڪريون ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي ۽ اسان جي مغوي در محمد  کي آزاد ڪرايو وڃي، جڏهن ته ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر اصغرعلي شاھ گولا برادري سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.