سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ ڌاڙيلن حوالي ٿيل آهي: لال جروار

حيدرآباد ( پ ر) سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ بند ڪريو جي عنوان سان 29 مارچ 2024ع تي حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ طرفان ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ڪاشف ملاح، فاضل کوسو، اياز صالح پليجو مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ڪري ۽ فون ذريعي دعوتون ڏنيون. عوامي ورڪرس پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري ڪامرڊي بخشل ٿلهو، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل، ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين، ايڇ آر سي پي جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر امداد چانڊيو، سنڌ سهائي سٿ جي چيئرپرسن عائشه ڌاريجو، سنڌ صوفي فورم جي سرواڻ ڊاڪٽر بدر چنا، وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت، صحافي مهيش ڪمار، اسحاق مڱريو، وحيد راڄپر، ساحل جوڳي، علي محمد ميمڻ ، پروفيسر نويد سنديلو ۽ مغوي پريا ڪماري، شهيد استاد الله رکيو نندواڻي، شهيد صحافي جان محمد مهر، پروفيسر اجمل ساوند ۽ فاطمه ڦرڙو جي وارثن کي شرڪت لاءِ دعوتون ڏنيون ويون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ڳالهائيندي چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سموري سنڌ کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي. هڪ طرف ماڻهو اغوا ڪري لکين روپيا ڀنگ ورتو پيو وڃي، ٽارگيٽ ڪري بي گناهه صحافين، استادن ۽ نياڻين کي قتل ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ۽ پاڻي ڦرڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت، زمينن جي نيلامي، پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف سگهاري جدوجهد جي ضرورت آهي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته حڪومت نالي ڪا به شيءَ ناهي، سموري سنڌ  ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي. پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام آهن، عوامي ورڪرس پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته حڪمرانن هٿ وٺي عوام کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو آهي، سنڌ صوفي سنگت جي سربراهه ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته پريا ڪماري کي اغوا ڪرڻ ۽ سنڌي هندو نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي شاديون ڪرڻ سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائڻ جي سازش آهي. هن ظلم ۽ ڌاڙيل راڄ قائم ڪرڻ ۾ موجوده حڪمرانن جو مک ڪردار آهي، نياڻيون اغوا ڪيون وڃن ٿيون پر پوليس جي ڪن تي جونءَ به نٿي سري، سنڌ سهائي سٿ جي چيئرپرسن عائشه ڌاريجو چيو ته مجموعي طور سموري سنڌ جي امن امان جي صورتحال خراب آهي. خاص ڪري اتر سنڌ جي ضلعن کي مڪمل طور ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي. پريا ڪماري جي آزادي لاءِ حڪمران ڪو به تحريڪ نٿا وٺن. ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو پنهنجن گهرن مان نٿا نڪرن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.