ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم وڌڻ تي گورنر کي ڳڻتي

ڪراچي(رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، گورنر سنڌ کيس ٻيهر آءِ جي سنڌ مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، شهر قائد ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول، سيف سٽي پروجيڪٽ، سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي لڳائڻ، ڪميونٽي پوليسنگ ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر سنڌ چيو ته شهر قائد ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، هن وڌيڪ چيو ته پوليس گشت وڌائڻ ۽ سي سي ٽي وي جي موثر استعمال سان انهن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.