ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ پوليس خاموشي تماشائي بڻيل آهي، جڏهن ته ڏوهارين رمضان مبارڪ ۾ 8 شهرين کي ماريو، رمضان جي شروعاتي 15 روزن ۾ شهر ۾ڏوهارين 8 شهرين کي قتل ڪيو، 3 رمضان تي ملير ۾ڏوهارين کير کپائيندڙ کي قتل ڪيو، 5 رمضان تي عيسيٰ نگري ۾ هڪ شهري کي ماريو، ان کان علاوه پاڪستان بازار جي حد ۾ نوجوان محمد فرحان کي قتل ڪيو، 10 رمضان تي بازار ۾ اختر مسيح تي گهر جي ٻاهران فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ ملير ۾ ڏوهه جي وارڌات دوران انجنيئر شعيب شفقت کي ان وقت قتل ڪيو، جڏهن ته هو پنهنجي ماسي جي گهر افطاري پهچائي رهيو هو، 13 رمضان نارٿ ڪراچي ۾ ڏوهارين دوڪاندارن عبدالرحمان کي قتل ڪيو، 14 رمضان تي لياقت آباد ۽ سرجاڻي ٽائون جو رهواسي ذوهيب ڏوهارين جو نشانو بڻيو، جڏهن ته 15 رمضان تي اورنگي ٽائون قطر اسپتال ۾ ڏوهارين جي فائرنگ سان هڪ عورت به قتل ٿي ، پوليس مطابق رمضان ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون 3 هزار 300 کان وڌيڪ وارڌاتون ٿيون آهن، مقابلن ۾ 94 زخمي ٿيا ۽ چار ڏوهاري ماريا ويا