صدر زرداري چيني سفارت خاني پهتو، شانگلا واقعي تي تعزيت

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف زرداري چيني سفارتخاني جو دورو ڪري شانگلا ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهري مارجڻ تي تعزيت جو اظهار  ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني قوم چيني عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، جوابدارن کي پڪڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين، چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار دوستي تي حملو آهي. چيني سفير دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، بي ڏوهه ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙن کي پڪڙڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.