ڪراچي، ڊفينس ۾ پوليس جو مرتضيٰ جتوئي جي گهر تي ڇاپو

ڪراچي (رپورٽر ) اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات سنڌ ۽ ڪراچي پوليس جي وڏي نفري ڊفينس ۾ جتوئي هائوس تي ڇاپو هنيو پر ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو، اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات سنڌ پوليس جي وڏي نفري ڪلفٽن ۾  ڇاپو هنيو، جنهن ۾ ڊويزن پوليس به گڏ هئي. هنن ڊفينس ۾ رهندڙ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ سڄي گهر جي تلاشي ورتي، پوليس ذريعن موجب سنڌ جي مختلف ضلعن جي پوليس مورو، نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. رات دير سان ڪلفٽن ڊويزن جي پوليس اڳوڻي وفاقي وزير غلام مصطفيٰ جتوئي جي پٽ غلام مصطفيٰ جتوئي جي  رهائشگاهه جتوئي هائوس تي ڇاپو هنيو

 

پوليس جي وڏي نفري جتوئي هائوس ۾ داخل ٿي سڄي گهر جي تلاشي ورتي، المارين مان سامان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو، مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري جو چوڻ هو ته پوليس ڇاپي وقت گهر ۾ رڳو عورتون موجود هيون، پوليس کي به ٻڌايو پر هنن نه ٻڌي، پوليس عورتن ۽ ٻارن سان بدتميزي ۽ حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۾ شامل نه ٿيڻ تي اسان کي سزا ڏني پئي وڃي، ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي تنگ ڪيو پيو وڃي، پيپلز پارٽي خلاف سياست ڪرڻ کي ڏوهه بڻايو ويو آهي، اسان جي گهر تي ڇاپو هڻڻ وڏي رياستي دهشتگردي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.