غوثپور ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) غوثپور ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تي ڪار اڏي ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار اڻڄاتل هٿياربندن جي  فائرنگ ۾ نوجوان مظهر سندراڻي مارجي ويو، جوابدارن مٿس جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربند ھوائي فائر ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس موجب واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي اسپتال پهچايو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، واقعي بابت جاچ ڪريون پيا، واقعي بعد مقتول جا وارث ۽ سوين شھري اسپتال پھچي ويا، وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.