خيرپور ڀرسان هانءُ ڏاريندڙ واقعو، 3 معصوم ٻارن جا پيتيءَ مان لاش هٿ، قتل جو الزام

خيرپور/ سکر (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/  شاهد نواز سيال/ آزاد مهر) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ ٽن ٻارڙن جا پراسرار نموني گهر اندر سامان  واري پيتي مان لاش هٿ، وارثن طرفان قتل جو الزام هنيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ شيخ برادري جي ٽن ٻارڙن جا گهر اندر سامان واري پيتي مان لاش هٿ آيا، پراسرار نموني فوت ٿيل ٻارڙن ۾ 10 ورهين جو عارف علي پٽ عرفان شيخ، 6 ورهين جي مھناز ڌيءَ شاهنواز شيخ ۽4  ورهين جو مدد علي پٽ شاهنواز شيخ گھر اندر پراسرار نموني فوت ٿي ويا، اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پھتي ۽ لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو ان ڏس ۾ ٻارڙن جي وارثن دانھيندي چيو ته گذريل ڏينهن کان اسان جا ٻار راند کيڏندي گم ٿي ويا ھئا جنھن بعد سندن ڪوبه ڏس پتو نه پيو جڏھن ته اسان سندن گمشدگي جي اين سي پڻ ٿاڻي تي داخل ڪرائي ھئي ۽ اڄ اسان کي سندن لاش گھر جي پيتي مان مليا آھن، ٻارڙن جي امڙ لاشن مٿان دانهون ڪندي چيو ته اسان جا ٻار ماريا ويا آھن ڪنھن اسان سان دشمني ڪئي آھي اسان جي معاملي کي سنجيدگي سان وٺي انڪوائري ڪئي وڃي ۽ اسان جي معصوم ٻارڙن جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي، واقعي سبب گھر اندر قيامت صغريٰ برپا ٿي وئي ۽ ٻارڙن جي مائرن کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا ، جڏهن ته بي سيڪشن ٿاڻي جي ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ پورھيت شاھنواز شيخ جي گهر مان هٿ آيل ٽن معصوم ٻارڙن پٽ 6 سالا مدد علي پٽ شاهنواز،معصوم نينگري 4 سالا مھناز  ڌي شاهنواز ۽ 10 سالا عارف پٽ عرفان شيخ جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيا وي، ڊاڪٽر موجود نه هئڻ سبب ڪيترا ئي ڪلاڪن تائين لاش اسپتال ۾ پيل رهيا وارثن جي احتجاج  بعد  ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽر سرور آرائين جي هدايتن  تي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ قيامت صغرا جا منظر هيا، ٻن فوتي ٻارڙن جي والد شاهنواز شيخ جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن اسان ٻارن کي گهر ڇڏي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ آياسين واپس گهر آياسين ته ٻار موجود نه هئا، جن کي گذريل ڏينهن کان وٺي ڳولي رهيا هئاسين ۽ اڄ سندن لاش پراسرار نموني گهر ۾ ئي پيتيءَ مان هٿ آيا، هڪ سازش تحت اسان جي ٻارڙن کي تشدد ڪري ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪري سندن لاش پيتي ۾ رکيا ويا آهن، هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪري قاتلن کي منظر عام تي آندو وڃي ۽ کين سخت سزا ڏني وڃي.

  1. ٻن ٻارڙن جا ماءُ پيءُ بينظير پروگرام جا پئسا وٺڻ ويا هئا: علائقي واسي

خيرپور/ سکر: خيرپور ڀرسان ٽن معصوم ٻارڙن جا لاش ملڻ واري واقعي تي علائقي ۾ ڏک واري صورتحال پکڙجي وئي، علائقي  واسين طرفان معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪرڻ سان گڏ چيو ويو ته ٻن معصوم ٻارن کي گهر ڇڏي انهن جا ماءُ پيءُ بينظير سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ ويا هئا، معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، سوشل ميڊيا تي معصوم ٻارن جي والدين جي لاپرواهي تي به سوال اٿي رهيا آهن.

  1. ٻارن تي تشدد جي تصديق،صوبائي وزير نوٽيس ورتو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ واري علائقي موڙ شيخ ۾ ٽن معصوم
ٻارڙن جا بند پيل گھر جي پيتي مان لاش هٿ واري واقعي جي ٻارن جي پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ ٻارن جي جسم تي تشدد جا نشان هجڻ جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر تصديق ڪري ڇڏي صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسين لنجار نوٽس وٺندي ايس ايس پي خيرپور کان واقعي جي رپورٽ طلب پڻ طلب ڪري ورتي آھي جڏھن ته خيرپور پوليس پڻ ٻارن  کي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪرڻ تي  جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

  1. وڏو واقعو آهي، في الحال تڪڙ ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهان:ايس ايس پي خيرپور

خيرپور/ سکر: ٽن معصوم ٻارن جا لاش هٿ اچڻ جي معاملي تي ايس ايس پي خيرپور زبير نظير شيخ واقعي واري هنڌ پهچي صحافين سان  ڳالھائيندي چيو آهي ته ڳوٺ وڏا سمنگ ٽن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت هن وقت ڪجهه جلد ۾ نٿو چئي سگهان، فوت ٿيل ٻارڙن جي پوسٽ مارٽم بعد رپورٽ بعد گهڻو ڪجهه واضح ٿي ويندو، سمورن رکن کي سامهون رکندي انڪوائري ڪئي ويندي، ايس ايس پي خيرپور زبير نظير شيخ چيو ته ٻارڙن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ پوسٽ مارٽم کان اڳ ڪجهه به چوڻ مناسب نه ٿو سمجهان، جيڪڏهن پوليس جي ڪا به ڪوتاهي ثابت ٿي ته سخت ڪارروائي ڪندس ۽ والدين جي خواهش موجب واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.