چين شانگلا واقعي جي ذميوارن کي سخت سزا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

بيجنگ(م ڊ) چين پاڪستان کان شانگلا ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي ذميوارن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.چين مارجي ويلن جي وارثن جي داد رسي ڪرڻ، پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن جي حفاظت  جا اثرائتا قدم يقيني بڻائڻ ۽ انهن جي زندگين جي حفاظت يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بيجنگ ۾ پريس بريفنگ دوران چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ متاثرن سان تعزيت ڪيون ٿا، چين ان واقعي تي پنهنجو پختو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.