بشام واقعي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو، پاڪ، چين لازوال دوستي قائم رهندي

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت بشام ۾ چيني عملي تي حملي بابت جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن شانگلا ۾ پيش آيل دهشتگرد واقعي تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو سيڪيورٽي اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ آرمي چيف سميت سيڪيورٽي ايجنسين جي سربراهن، آءِ جيز ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين به شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت معاملن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ سيڪيورٽي آڊٽ به ڪئي وئي. اجلاس جي جاري ٿيندڙ پڌرائيءَ موجب وزيراعظم بشام واقعي جي گڏيل جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورا رياستي وسيلا استعمال ڪيا وڃن.

 

هن چيو ته اهو وحشياڻو فعل ڪندڙن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چين پاڪستان جي هر ڏکيائي ۾ مدد ڪئي آهي، دشمن پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. عطاءُ تارڙ چيو ته سي پيڪ مان ماڻهن کي روزي ملندي، ماڻهن کي روزگار به ملندو، مهانگائي گهٽ ٿيندي، نواز شريف جي دور ۾ سي پيڪ تحت 64 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري آئي، جنهن سان معاشي ترقي ۾ اضافو ٿيندو. عطاءُ تارڙ چيو ته پاڪ فوج هجي، سيڪيورٽي ادارا هجن، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ مڪمل طور سرگرم عمل آهن. هن چيو ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي پاڪستان دشمنن جي سازش ناڪام ٿيندي ۽ پاڪ چين دوستي قائم رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.